راولپنڊي – 28 جون (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته 27 جون 2026ع تي ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي ڪيمپ تي ڀارتي پراڪسي جماعت الاحرار سان تعلق رکندڙ خوارج طرفان هڪ بزدلاڻو دهشتگرد حملو ڪيو ويو، حملو ڪندڙن ڪيمپ جي مين گيٽ تي ڌماڪي بعد حفاظتي گهيراءُ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رينجرز جي جٿن جي چوڪس ۽ پرعزم …
پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي ڪيمپ تي ڀارتي پراڪسي جماعت الاحرار سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جو بزدلاڻو حملو ناڪام، 3 خوارج جهنم ڀيڙا، خارجين جو ساٿي افغان شهري زخمي حالت ۾ گرفتار

مزید خبریں
راولپنڊي – 28 جون (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته 27 جون 2026ع تي ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي ڪيمپ تي ڀارتي پراڪسي جماعت الاحرار سان تعلق رکندڙ خوارج طرفان هڪ بزدلاڻو دهشتگرد حملو ڪيو ويو، حملو ڪندڙن ڪيمپ جي مين گيٽ تي ڌماڪي بعد حفاظتي گهيراءُ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رينجرز جي جٿن جي چوڪس ۽ پرعزم جواب سندن ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. آءِ ايس پي آر پران آچر تي جاري پريس ريليز مطابق بزدلاڻي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائيندي ٽن خارجين کي ماري ۽ هڪ خارجي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪو افغان شهري آهي. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڌرتي جي ٽن بهادر پٽن لازوال قرباني ڏني ۽ فرضن جي ادائيگي دوران شهادت جو عظيم رتبو حاصل ڪيو جڏهن ته چار جوان زخمي ٿيا آهن. علائقي ۾ ڪنهن به ٻئي هندوستاني اسپانسرڊ خارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڳولا جون ڪارروائيون جاري آهن. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ويزن عزم استحڪام تحت جاري دهشتگردي جي خاتمي جي مهم ملڪ مان پرڏيهي اسپانسرڊ ۽ حمايت يافته دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري رفتار سان جاري رهندي. آءِ ايس پي آر ان عزم جو ورجاءُ به ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجن جوانن جي شهادت جو بدلو وٺن لاءِ اهو حملو ڪندڙ ماڻهن خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪندو. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ڪمانڊر ڊيفنس فورسز، بهادر سپاهين جي ڪٽنب ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو، اهي قربانيون هر قيمت تي پنهنجي قوم جي حفاظت لاءِ اسانجي اٽل عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.










