اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بدلجندڙ حالتن موجب درپيش قومي چئلينجز مان سرخرو ٿيڻ جي لاءِ قومي يڪجهتي وقت جي گهرج آهي، وزيراعظم عمران خان مدينه جي رياست جي سنهري اصولن تي ٻڌل روڊ ميپ ڏنو آهي جيڪو سمورن شهرين جي حقن جي تحفظ جو ضامن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”پرامن گڏيل بقاءُ طرف پاڪستان“ جي حوالي سان منعقد قومي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.