APP57-24 ISLAMABAD: June 24 – Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr Firdous Ashiq Awan addressing a roundtable on “Post Bishkek Shanghai Cooperation Organisation Summit 2019-Lessons Learnt and Way Forward”. APP

اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جا ڪرغزستان سميت شنگهائي تعاون تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان سدائين امن جي حمايت ڪئي آهي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي آهي، پاڪستان نه رڳو خطي پر پوري دنيا مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ خاص طور تي تعليم، غربت، خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين جهڙين براين جي خاتمي جو خواهشمند آهي، صحت ۽ انساني شعبن ۾ تعاون ۽ تحفظ خوراڪ جي فروغ جي ذريعي شهرين جي روزمره زندگي بابت شنگهائي تعاون تنظيم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي، بدعنواني ۽ وائٽ ڪالر ڪرائم جي خاتمي لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بشڪڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس 2019ع کانپوءِ حاصل ٿيندڙ تجربن ۽ ان تي اڳڀرائي بابت مباحثي کي خطاب ڪندي ڪيو.