APP28-22 ISLAMABAD: June 22 – Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing a press conference at PID Media Centre. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مريم نواز پنهنجي ئي پارٽي تي خودڪش حملو ڪيو آهي، سندس ميثاق معيشت کي مذاق قرار ڏيڻ پنهنجي چاچي شهباز شريف جو مذاق اڏائڻ آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مريم نواز قطر جي امير جي دوري کي سبوتاز ڪرڻ جي لاءِ اڄ جو ڏينهن پريس ڪانفرنس جي لاءِ چونڊيو.