APP82-19 ISLAMABAD: March 19 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhary Fawad Hussain briefing the media persons about the decisions taken in Federal Cabinet meeting. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا نيوزيلينڊ ۾ دهشتگردي جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مختلف مذهبن، عقيدن ۽ ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ڪابينا کاڄرو تيل جي استعمال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو.