پشاور-25 جون (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ سيد نويد قمر ملاقات ڪئي. گورنر هائوس مان جاري بيان موجب هلال احمر ڪي پي ڪي جو چيئرمين فرزند علي وزير، ڊويزنل صدر مصباح الدين، سينيئر اڳواڻ خواجه ياور نصير ۽ پ پ ڊيرا اسماعيل خان جو ضلعي صدر ملڪ فرحان افضل ڌپ به ان موقعي تي موجود هئا. گورنر …
ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ سيد نويد قمر جي ملاقات

مزید خبریں
پشاور-25 جون (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ سيد نويد قمر ملاقات ڪئي. گورنر هائوس مان جاري بيان موجب هلال احمر ڪي پي ڪي جو چيئرمين فرزند علي وزير، ڊويزنل صدر مصباح الدين، سينيئر اڳواڻ خواجه ياور نصير ۽ پ پ ڊيرا اسماعيل خان جو ضلعي صدر ملڪ فرحان افضل ڌپ به ان موقعي تي موجود هئا. گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال، صوبائي حڪومت جي خراب پاليسين ۽ ان حالتن ۾ صوبي جي سياسي پارٽين جي ڪردار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سيد نويد قمر وفاقي سطح تي ڪي پي ڪي جا مسئلا اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان گورنر جي ڪردار کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن صوبائي اسيمبليءَ ۾ پ پ جي پارلياماني ليڊر احمد ڪنڊي جي اڳواڻيءَ ۾ صوبي جي ڪيس جي حوالي سان سندن ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










