اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) پاڪستان خلاف دهشتگرديءَ ۾ فتنه الخوارج کي افغان طالبان رجيم جي پٺڀرائي حاصل آهي. افغانستان ۾ برطانيه جي خصوصي نمائندي رچرڊ لنڊسي پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ چيو ته فتنه الخوارج هڪ دهشتگرد گروهه آهي ۽ ان کي افغانستان کان حمايت ملي رهي آهي. فتنه الخوارج جي قبائلي سرحدي علائقي ۾ ڪيترائي ئي خانداني رابطا ۽ حمايت به موجود آهي. رچرڊ لنڊسي چيو ته …
افغان طالبان رجيم طرفان فتنه الخوارج جي پٺڀرائيءَ جو عالمي اعتراف
اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) پاڪستان خلاف دهشتگرديءَ ۾ فتنه الخوارج کي افغان طالبان رجيم جي پٺڀرائي حاصل آهي. افغانستان ۾ برطانيه جي خصوصي نمائندي رچرڊ لنڊسي پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ چيو ته فتنه الخوارج هڪ دهشتگرد گروهه آهي ۽ ان کي افغانستان کان حمايت ملي رهي آهي. فتنه الخوارج جي قبائلي سرحدي علائقي ۾ ڪيترائي ئي خانداني رابطا ۽ حمايت به موجود آهي. رچرڊ لنڊسي چيو ته ڪابل ۽ قنڌار ۾ طالبان رجيم جي عملدارن کي فتنه الخوارج خلاف فيصلائتن قدمن جي ضرورت آهي. فتنه الخوارج جي سپورٽ بابت سوال افغان طالبان کان پُڇڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ فتنه الخوارج لاءِ تربيتي ڪيمپس موجود آهن ۽ هٿيار استعمال ٿي رهيا آهن ۽ مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. پاڪستان ۾ سيڪيورٽي آپريشنز کان بچيل دهشتگردن لاءِ افغانستان محفوظ پناهگاهه بڻيل آهي. فتنه الخوارج طرفان خطي ۾ عدم استحڪام سبب پاڪستان طرفان فوجي ردِعمل سامهون اچي رهيو آهي. دفاعي تجزيي نگارن موجب افغانستان ۾ دهشتگرد گروهن جي موجودگي ۽ انهن جي نيٽ ورڪس خطي جي مجموعي سيڪيورٽي لاءِ مسلسل خطرو بڻجي چڪيون آهن. ماهرن چيو ته دهشتگردن جي مالي مدد، تربيت ۽ هٿيارن جي فراهميءَ جو نتيجو آپريشن غضب الحق جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو.











