لاهور – 25 جون (اي پي پي) حضرت علي بن عثمان هجويري المعروف داتا گنج بخش جي 983هين سالياني عرس جي تقريبن جي شروعات خميس ڏينهن مزار کي غسل جي تقريب سان ٿي. خاص مهمان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار مزار کي عرق گلاب سان غسل ڏنو ۽ چادر چاڙهي. غسل جي تقريب ۾ صوبائي وزيرن بلال ياسين، خواجه سلمان رفيق ۽ پنجاب جي وزيراعلى جي خاص …
داتا گنج بخش جي 983هين سالياني عرس جي تقريبن جي شروعات، پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڪندڙ پاڻ اڪيلا ٿي ويا: اسحاق ڊار

مزید خبریں
لاهور – 25 جون (اي پي پي) حضرت علي بن عثمان هجويري المعروف داتا گنج بخش جي 983هين سالياني عرس جي تقريبن جي شروعات خميس ڏينهن مزار کي غسل جي تقريب سان ٿي. خاص مهمان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار مزار کي عرق گلاب سان غسل ڏنو ۽ چادر چاڙهي. غسل جي تقريب ۾ صوبائي وزيرن بلال ياسين، خواجه سلمان رفيق ۽ پنجاب جي وزيراعلى جي خاص معاون علي ڊار شرڪت ڪئي. تقريب ۾ عالمن سميت سڄي ملڪ مان آيل زائرين پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته ناليواري نعت خوانن بارگاهه رسالت ۾ عقيدت جا نذرانا پيش ڪيا. تقريب کانپوءِ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، مسلم (ن) جي قائد محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز پاران قوم کي داتا صاحب جي عرس جي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. داتا دربار جي توسيع جو ڪريڊٽ پنجاب جي وزيراعلى ۽ سندس ٽيم ڏانهن وڃي ٿو. ان موقعي تي هن چيو ته آمريڪا ايران جنگ ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته 47 سالن کانپوءِ ايران آمريڪا ڳالهه ٻولهه جي ميز تي ويٺا، ايران ۽ آمريڪا جي معاملي تي اسان جو ڪم سهولتڪاري هو، بطور سهولتڪار اسان تشهير نه ٿا ڪري سگهون، معاهدي تي صحيحون ٿيون ته ان کي قومي اسيمبلي جي رڪارڊ تي رکيو آهي. هن چيو ته اسان ميزباني جي آفر ڪئي ته ڪجهه ماڻهن چيو ته ڳالهه ٻولهه ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رکو ڇو ته پاڪستان پهچڻ ۾ 20 ڪلاڪ لڳن ٿا. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته اسان سڀني کي اسلام آباد ميمورنڊم تي خوش ٿيڻ گهرجي، 18 جون تي جي سيون جي ميٽنگ ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته معاهدي تي اليڪٽرانڪ صحيحون ڪري ڇڏيون، پوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف به ايران آمريڪا معاهدي تي صحيحون ڪيون. هن چيو ته پاڪستان جنهن بابت چيو ويندو هو ته سفارتي طور تي اڪيلو ٿي ويو آهي هاڻي دنيا کي خبر پئجي وئي ته حقيقت ۾ اڪيلو ڪير ٿيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته 28 فيبروري تي ايران تي حملو ٿيو ته پاڪستان ان حملي جي ڀرپور مذمت ڪئي هئي. هن چيو ته پاڪستان کي الله ائٽمي قوت بڻايو آهي هاڻي ان کي معاشي قوت بڻائڻو آهي. هن چيو ته اسان امن پسند آهيون ۽ پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. هن چيو ته اسان کي ورثي ۾ خراب معاشي صورتحال ملي جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي آهي. اسحاق ڊار چيو ته موجوده بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي سميت واپارين کي هر ممڪن ريليف ڏنو ويو آهي.










