اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اعليٰ تعليم، فيڪلٽي ڊولپمينٽ، تحقيقاتي تعاون، وظيفن ۽ تعليمي مٽاسٽا جي پروگرامن ۾ جرمني سان تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان گهري دلچسپي رکي ٿو ته جيئن انساني سرمائي جي ترقيءَ کي مضبوط بڻائي سگهجي. جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ۾ وفاقي جمهوريه جرمني جي سفير اناليپل خميس تي …
وفاقي وزير احسن اقبال سان جرمني جي سفير جي ملاقات، گڏيل دلچسپيءَ جي شعبن ۾ گڏيل فائديمند حصيداريءَ کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اعليٰ تعليم، فيڪلٽي ڊولپمينٽ، تحقيقاتي تعاون، وظيفن ۽ تعليمي مٽاسٽا جي پروگرامن ۾ جرمني سان تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان گهري دلچسپي رکي ٿو ته جيئن انساني سرمائي جي ترقيءَ کي مضبوط بڻائي سگهجي. جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ۾ وفاقي جمهوريه جرمني جي سفير اناليپل خميس تي اسلام آباد ۾ وفاقي وزير احسن اقبال سان ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد تعليم، سياحت، ثقافت، معاشي سڌارن ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ هو. ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۽ جرمنيءَ جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي شعبن ۾ گڏيل فائديمند حصيداريءَ کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ملاقات دوران وفاقي وزير احسن اقبال، سفير کي پاڪستان جي معاشي بحالي ۽ سڌارا جاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو، جنهن ۾ معاشي استحڪام ۾ بهتري، مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بحاليءَ کي نمايان ڪيو ويو. هن حڪومت طرفان عوامي شعبي جي گورننس کي جديد بڻائڻ، ترقياتي منصوبا بندي جي عمل کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ، منصوبا بندي ڪميشن جي پروجيڪٽ، مئنجمينٽ ۽ منظوريءَ جي نظام ۾ تبديلي آڻڻ جي ذريعي شفافيت، ڪارڪردگي، جوابدهي کي وڌائڻ جي ڪوششن تي زور ڀريو. وفاقي وزير اعليٰ تعليم، فيڪلٽي ڊولپمينٽ، تحقيقاتي تعاون، وظيفن ۽ تعليمي مٽاسٽا جي پروگرامن ۾ جرمنيءَ سان تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ته جيئن انساني سرمائي جي ترقيءَ کي مضبوط بڻائي سگهجي. وفاقي وزير جرمني کي گلگت بلتستان ۾ پائيدار ۽ ماحول دوست سياحت کي هٿي ڏيڻ ۾ تعاون جي دعوت ڏني ۽ سياحت جي منصوبا بندي، اداره جاتي ترقيءَ ۾ جرمن ماهرن جي مهارت جي آجيان ڪئي. هن ايندڙ سال علامه محمد اقبال جي 150هين سالگره جي تيارين کي به اجاگر ڪيو جنهن ۾ جرمنيءَ جي علامه اقبال جي فڪري سفر ۾ خصوصي اهميت جو ذڪر ڪيو ۽ ان موقعي تي رٿيل عالمي پروگرامن ۾ جرمنيءَ جي مضبوط شرڪت جي خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير اناليپل پاڪستان جي سڌارا جاتي ڪوششن ۽ ترقياتي ترجيحن کي ساراهيو ۽ تعليم، پائيدار ترقي، ثقافتي مٽاسٽا ۾ پاڪستان جي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي جرمني عزم کي ورجايو.











