APP35-17 LAHORE: March 17- Federal Minister for Information and Broadcasting, Chaudhry Fawad Hussain addressing a press conference. APP Photo by Ch. Mubarak Ali

لاهور – 17 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر جي خواهش تي احتساب جو عمل روڪي نه ٿو سگهجي، قوم جو ڦريل پئسو واپس آڻڻ گهرجي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وٽ پلي بارگين جو آپشن موجود آهي جنهن جي لاءِ هو اپلائي ڪري سگهي ٿو. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، صنعت وارو وزير ميان اسلم اقبال، پنجاب جي وڏي وزير جو ترجمان شهباز گل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب احمد اويس پڻ موجود هئا.