APP61-16 KARACHI: March 16 – President Dr Arif Alvi addressing a reception in honour of PSL finalist teams at Governor House. APP

ڪراچي – 16 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي مڪمل بحالي چاهيون ٿا، پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، اڳتي به ڪرڪيٽ مئچون ٿينديون، پرڏيهي رانديگرن جي پاڪستان اچڻ تي ٿورائتا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ پي ايس ايل فور جي فائنل ٽيمن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.