APP44-28 ISLAMABAD: November 28 - A delegation of PEPSI Co., headed by Mike Spanos, CEO PEPSI Co. Asia, Middle East and North Africa called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ڪاروباري ماڻهن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هن اها ڳالهه ”پيپسي ڪو“ جي ايشيا وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر مائيڪ سپا نوز جي سربراهي ۾ وفد سان ڳالهائيندي چئي. ”پيپسي ڪو“ جي وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪمپني جي ڪاروبار ۽ ايندڙ پنجن سالن ۾ 1.2 ارب ڊالر جي وڌيڪ سيڙپڪاري جي منصوبي جي باري ۾ آگاهه ڪيو.