APP27-24 ISLAMABAD: August 24 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain briefs the media persons during a press conference at PID Media Centre. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي اجلاس بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته هي ڪابينا جو ٻيو اجلاس هو، گذريل حڪومت جي دور ۾ ڪابينا جا اجلاس گهٽ ٿيندا هئا پر موجوده حڪومت هڪ هفتي ۾ ٻه اجلاس ڪيا آهن. اطلاعات واري وزير ڪابينا اجلاس جي فيصلن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، نواز شريف آخري سال ۾ 51 ارب رپين جا صوابديدي فنڊز خرچ ڪيا، اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي اهڙي طرح بيدردي سان استعمال نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان اهو چوي ٿو ته جيڪڏهن اهڙي طرح اربين رپين جي غلط استعمال کي روڪيو وڃي ته ان جو به قومي ناڻي کي فائدو ٿيندو.