اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ 74 ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا في ليٽر گهٽتائيءَ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. قوم سان جيڪو واعدو ڪيو هو، الحمدلله اهو پورو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، خطي ۾ معاشي صورتحال ۾ بهتري اچڻ ۽ تيل جي قيمتن ۾ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ 74 ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا في ليٽر گهٽتائيءَ جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ 74 ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا في ليٽر گهٽتائيءَ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. قوم سان جيڪو واعدو ڪيو هو، الحمدلله اهو پورو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، خطي ۾ معاشي صورتحال ۾ بهتري اچڻ ۽ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو فائدو فوري طور تي عوام کي منتقل ڪري رهيا آهيون، پيٽرول جي في ليٽر قيمت 373 رپين مان گهٽ 311 رپين تي اچي ويندي، وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ صورتحال ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي عيوض امن ممڪن ٿيو، الله تعاليٰ پاڪستان کي عزت بخشي ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون، معاشي استحڪام برقرار رکڻ ۽ مهانگائيءَ ۾ گهٽتائيءَ لاءِ مؤثر قدم جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان پاڪستان جي ٽياڪڙي عيوض خطي ۽ عالمي امن جي قيام کانپوءِ تيل جي قيمتن جي حوالي سان جاري اهم بيان ۾ وزيراعظم چيو ته خطي ۾ معاشي صورتحال ۾ بهتري اچڻ ۽ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو فيصلو فوري طور تي عوام کي منتقل ڪري رهيا آهيون، پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، اهڙيءَ طرح پيٽرول جي في ليٽر قيمت 373 رپين مان گهٽ ٿي 299 رپين تي اچي ويندي ۽ ڊيزل جي في ليٽرل قيمت 378 رپين مان گهٽ ٿي 311 رپين تي اچي ويندي. وزيراعظم چيو ته عوام جي ڏُکيائين جو چڱيءَ ريت اندازو آهي، اوهان ڏُکي صورتحال جو صبر ۽ تحمل جو بي مثال مظاهرو ڪيو، ان ڏکين حالتن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي اسان عوام جي دل سان ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته ان بحران جي شروعات سان ئي اسان پنهنجي وسيلن سان تيل جي قيمتن ۾ جنهن قدر گهٽتائي ممڪن ٿي اها ڪوشش ڪئي. وفاقي حڪومت ترقياتي بجيٽ مان ۽ ڪفايت شعاري سان ڪيل بچت ذريعي 129 ارب استعمال ڪري، سڄي ملڪ جي عوام کي تيل جي قيمتن ۾ بي پناهه اضافي سان امڪاني حد تائين رليف فراهم ڪيو. وزيراعظم چيو ته خطي جي معاشي صورتحال دوران جڏهن ڪجهه ملڪن ۾ فيول راشننگ جهڙا قدم کنيا پئي ويا، پاڪستان حڪومت جي بهتر منصوبا بنديءَ عيوض توانائيءَ جو بحران نه آيو، مؤثر قدمن عيوض نه ڪا لائين لڳي نه ڊگهيون قطارون لڳيون ۽ نه ئي عوام کي ڪنهن به قسم جي پيٽروليم شين جي گهٽتائيءَ جو مُنهن ڏسڻو پيو. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت کي مستحڪم رکڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن مڪمل سهڪار ڪيو، جنهن لاءِ مان صوبائي وڏن وزيرن جو شڪرگذار آهيان، جنهن قدر ممڪن ٿي سگهيو عوام کي عالمي مهانگائيءَ جي لهر کان محفوظ رکڻ لاءِ قدم کنيا، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ جيڪا گهٽتائي ايندي اها جيئن جو تيئن عوام کي منتقل ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام برقرار رکڻ ۽ مهانگائيءَ ۾ وڌيڪ گهٽتائيءَ لاءِ اثرائتا قدم جاري رکنداسين، بحران جي پوري عرصي ۾ نه صرف حڪومتي سطح تي ڪفايت شعاريءَ کي اپنايو ويو پر رليف جي مد ۾ پُٺتي پيل طبقن کي سبسڊي پڻ فراهم ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، الله جي فضل سان وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙيءَ عيوض امن ممڪن ٿيو، الله تعاليٰ پاڪستان کي عزت بخشي ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون، جيڪو هڪ تاريخي دستاويز آهي. الله تعاليٰ اها عزت پنهنجي ڪمال مهربانيءَ سان سمورن پاڪستانين کي عطا ڪئي. وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خصوصي طور مبارڪن جو حقدار آهي جنهن جي اڻٿڪ محنت ۽ پيشيوراڻي صلاحيت عيوض اهو امن معاهدو ممڪن ٿيو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ پاڪستان حڪومت جي پوري ٽيم جيڪا امن جي ان ڪوششن ۾ خلوصِ نيت سان سرگرم رهي، کي به خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو، ان کان علاوه معاشي ٽيم جنهن ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ناڻي وارو سيڪريٽري، پيٽروليم وارو سيڪريٽري ۽ ايف بي آر جو چيئرمين شامل آهن، معاشي بحران ۾ ساراهه جوڳيون ڪوششون ڪيون جنهن لاءِ هو ساراهه جا حقدار آهن.










