ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس، سگريٽن جي غيرقانوني وڪري، بجلي چوري جي روڪٿام، غيرقانوني پيٽرول پمپن وغيره بابت غور ويچار ڪيو ويو

لاڙڪاڻو - 19 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سگريٽن جي غيرقانوني وڪري، بجلي چوري جي روڪٿام، غيرقانوني پيٽرول پمپن وغيره جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اي ڊي سي – 1 سيد غضنفر شاهه، لاڙڪاڻي ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، پنوعاقل آرمي ڪينٽ جي ميجر تقي، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس حيدري …

لاڙڪاڻو – 19 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سگريٽن جي غيرقانوني وڪري، بجلي چوري جي روڪٿام، غيرقانوني پيٽرول پمپن وغيره جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اي ڊي سي – 1 سيد غضنفر شاهه، لاڙڪاڻي ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، پنوعاقل آرمي ڪينٽ جي ميجر تقي، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس حيدري احمد بخش راهوجو، انٽيليجنس ايجنسين جي نمائندن، نادرا ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي سگريٽن جي غيرقانوني وڪري، بجلي چوري، غيرقانوني پيٽرول پمپن وغيره بابت بريفنگ ڏني. اسپيشل برانچ جي نمائندي ڊپٽي ڪمشنر کي غيرقانوني سگريٽن جي رستن ۽ غيرقانوني پيٽرول پمپن تي ايراني پيٽرول جي سپلاءِ بابت بريفنگ ڏني.

ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو سمورن شرڪت ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته غيرقانوني سگريٽ ۽ ايراني پيٽرول سپلاءِ ڪندڙن کي پڪڙڻ لاءِ رستن تي مناسب چيڪنگ کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڪسائيز لاڙڪاڻو کي به هدايت ڪئي وئي ته غيرقانوني سگريٽن جي سرگرمين خلاف ڪارروائي ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ اعليٰ عملدارن کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

مزید خبریں