نائب وزيراعظم اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي 21 جون تي آر-4 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي جي دعوت تي 21 جون تي آر-4 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آر-4 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو چوٿون اجلاس قاهره مصر ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ مصر، سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. اجلاس …

اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي جي دعوت تي 21 جون تي آر-4 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آر-4 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو چوٿون اجلاس قاهره مصر ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ مصر، سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ علائقائي اڳڀرائيءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ امن، سلامتي ۽ استحڪام بابت معاملن تي ڳالهيون ٿينديون. آر-4 جي گذريل اجلاسن جي بنياد تي گڏيل دلچسپيءَ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي طريقيڪار تي غور ڪيو ويندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٻه طرفي مشاورت ڪندو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان به ملاقات ٿيندي. بيان موجب پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

مزید خبریں