اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) گڏيل قومن يوگنڊا ۾ ايبولا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 40 لک ڊالر مختص ڪيا آهن. شهنوا موجب گڏيل قومن جي انساني معاملن واري نائب سيڪريٽري جنرل ۽ هنگامي امداد جي رابطي ڪار ٽام فليچر يوگنڊا ۾ ايبولا وائرس جي ڦهلاءُ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي مرڪزي هنگامي امدادي فنڊ مان 40 لک آمريڪي ڊالر رکڻ جو اعلان …
گڏيل قومن پاران يوگنڊا ۾ ايبولا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 40 لک ڊالر مختص

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) گڏيل قومن يوگنڊا ۾ ايبولا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 40 لک ڊالر مختص ڪيا آهن. شهنوا موجب گڏيل قومن جي انساني معاملن واري نائب سيڪريٽري جنرل ۽ هنگامي امداد جي رابطي ڪار ٽام فليچر يوگنڊا ۾ ايبولا وائرس جي ڦهلاءُ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي مرڪزي هنگامي امدادي فنڊ مان 40 لک آمريڪي ڊالر رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ ٻڌايو ته اها رقم مئي جي آخر ۾ اعلان ڪيل 6 ڪروڙ ڊالر جي امدادي پئڪيج جو حصو آهي، جنهن جو مقصد ايبولا وائرس جي خلاف جاري ڪاررواين کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. هن چيو ته نئين فنڊنگ جي ذريعي يوگنڊا جي 29 ضلعن ۾ گڏيل قومن جي امدادي سرگرمين کي سگهه ڏني ويندي، جن ۾ پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ علائقا به شامل آهن. ان امداد تحت صحت ۽ لاجسٽڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن بيماري جي ڦهلاءُ کي موثر انداز ۾ روڪي سگهجي.










