APP45-24 ISLAMABAD: August 24 - Chairman Senate Muhammad Sadiq Sanjrani and Chief Minister Balochistan Jam Kamal Khan called on Prime Minister Imran Khan at PM office. APP

اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ سان گڏوگڏ معاشي موقعن جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن ته جيئن ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي جي عوام جي احساس محرومي کي ختم ڪري سگهجي. هن اها ڳالهه بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي.