APP83-24 ISLAMABAD: April 24 – Ms. Marriyum Aurangzeb, Minister of State for IBNH&LH addressing launching ceremony of Mass Awareness Campaign “Umeed Say Aagay”. APP

اسلام آباد – 24 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته موجوده حڪومت صحت تائين مفت ۽ آسان پهچ فراهم ڪرڻ جي لاءِ بي مثال وزيراعظم قومي صحت پروگرام متعارف ڪرايو آهي جيڪو اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جو ويزن آهي. هو هيومن ڊولپمينٽ فائونڊيشن (ايڇ ڊي ايف) ۽ سن سيڪريٽريٽ جي حصيداري سان ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان اميد کان اڳتي جي عنوان سان آگاهي مهم کي خطاب ڪري رهي هئي.