نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 17 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تازي اڳڀرائي ۽ گڏيل مفاهمت جي آجيان ڪئي ۽ 19 جون 2026ع تي سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي متوقع صحيحن …

اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تازي اڳڀرائي ۽ گڏيل مفاهمت جي آجيان ڪئي ۽ 19 جون 2026ع تي سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي متوقع صحيحن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن هلندڙ مهيني جي آخر ۾ منعقد ٿيندڙ ريجنل فور (آر – 4) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي تيارين تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.