ڪوئيٽه-17 جون (اي پي پي) بلوچستان جي نئين مالي سال جو 1089 ارب جو ٽيڪس فري ۽ سرپلس بجيٽ پيش ڪيو ويو، ترقياتي مد ۾ 206 ارب جڏهن ته غير ترقياتي مد ۾ 797 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ، 5 هزار آساميون پيدا ڪيون وينديون، بجيٽ ۾ صحت، تعليم ۽ امن امان سميت روزگار تي خاص ڌيان ڏنو ويو، صحت جي …
بلوچستان جو ايندڙ مالي سال جو 1089 ارب جو ٽيڪس فري ۽ سرپلس بجيٽ پيش، ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ، 5 هزار آساميون پيدا ڪرڻ جي تجويز

مزید خبریں
ڪوئيٽه-17 جون (اي پي پي) بلوچستان جي نئين مالي سال جو 1089 ارب جو ٽيڪس فري ۽ سرپلس بجيٽ پيش ڪيو ويو، ترقياتي مد ۾ 206 ارب جڏهن ته غير ترقياتي مد ۾ 797 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ، 5 هزار آساميون پيدا ڪيون وينديون، بجيٽ ۾ صحت، تعليم ۽ امن امان سميت روزگار تي خاص ڌيان ڏنو ويو، صحت جي غير ترقياتي بجيٽ 71 ارب کان 90 ارب ۽ تعليم ۽ هائر ايجوڪيشن کاتي جو بجيٽ 125 ارب کان 144 ارب رپين تائين وڌايو ويو. نئين مالي سال دوران صوبائي آمدني کي 170 ارب تائين پهچائڻ جو هدف تجويز ڪيو ويو آهي. اربع ڏينهن بلوچستان اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر ڪئپتن (ر) عبدالخالق اچڪزئي جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صوبائي وزير شعيب نوشيراوني بجيٽ پيش ڪندي چيو ته اسان هي بجيٽ اهڙي وقت ۾ تيار ڪيو آهي جڏهن عالمي سطح تي وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب غير يقيني صورتحال ۽ مهانگائيءَ جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي. انهن ڏُکين حالتن ۾ اسان ڪفايت شعاري، غير ضروري خرچن ۽ سرڪاري مراعتن ۾ گهٽتائيءَ کي يقيني بڻايو ته جيئن مالي بحران تي ضابطو آڻي سگهجي. انهن درپيش چئلينجز باوجود ان بجيٽ ۾ اسان جي ترجيحن، تعليم، صحت ۽ امن امان آهن جنهن لاءِ اسان بجيٽ سڌارا متعارف ڪرايا آهن. مان ان ايوان ذريعي صوبي جي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته هي بجيٽ ترقي ۽ خوشحالي فراهم ڪرڻ جو دستاويز آهي. موجوده صوبائي حڪومت جي قيام کي تقريبن سوا ٻه سال ٿيڻ تي آهن جڏهن ته ان دوران اتحادي پارٽين ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي اڳواڻي ۾ حڪومت بهتر ڪارڪردگيءَ سان اهم ڪاميابيون حاصل ڪري هڪ نئين تاريخ لکي آهي، جنهن لاءِ مان الله تعاليٰ جو ٿورائتو آهيان. موجوده حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪئي ته حڪومتي وسيلن کي نظر ۾ رکندي صوبي جي مالي نظم ۽ ضبط ۽ ترقياتي عمل کي ترجيح ڏئي عوام جي خدمت ۽ صوبي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ کي حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻائي سگهجي. وڏي وزير جي اڳواڻيءَ ۾ بلوچستان حڪومت هڪ جمهوري ۽ سياسي تصور موجب عوام جي فلاح ۽ بهبود ۽ صوبي جي گهڻ رُخي ترقي لاءِ درست رُخ طرف گامزن آهي. اهو وڏي وزير جي قائداڻي صلاحيتن جو ثمر آهي ته بلوچستان وسيع ترقي ۽ خوشحالي طرف وڌي رهيو آهي جنهن جو مشاهدو صوبي جو عوام پاڻ ڪري رهيو آهي. موجوده حڪومت هلندڙ مالي سال 26-2025ع جو رکيل ترقياتي فنڊز جو 115 سيڪڙو حصو استعمال ڪيو آهي جيڪو صوبي جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي استعمال ٿيل فنڊز آهن، گذريل سالن ۾ انهن فنڊز جو استعمال گهٽ رهيو يعني مالي سال 22-2021ع ۾ 53 سيڪڙو، 23-2022ع ۾ 66 سيڪڙو، 24-2023ع ۾ 55 سيڪڙو ۽ 25-2024ع ۾ 99 سيڪڙو فنڊز استعمال ٿيا. انهن ترقياتي فنڊز جي اثرائتي ۽ وقت سر استعمال ۾ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي رهنمائي ۽ سخت مانيٽرنگ به رهي جنهن سان اها ڪاميابي موجوده صوبائي حڪومت کي حاصل ٿي يعني ماضيءَ جي سالن جي ڀيٽ ۾ هن سال جي ترقياتي فنڊز جي وقت سر استعمال سان بلوچستان جي ترقياتي ڪمن ۾ نمايان بهتري آئي آهي. اسان جي موجوده حڪومت جي اها ڪارڪردگي تاريخ جي روشن باب مثل آهي. گورننس ۾ بهتري آڻڻ لاءِ حڪومتي قدمن جا هاڪاري نتيجا به سامهون اچي رهيا آهن ۽ انهن ترقياتي اسڪيمن جي وقت سر تڪميل سان صوبي جي ترقيءَ ۾ شفافيت ۽ ميرٽ نمايان ٿي. هلندڙ مالي دوران 2966 جاري ۽ نئين ترقياتي اسڪيمون هن سال جي آخر تائين مڪمل ٿينديون. هلندڙ مالياتي سال جي پي ايس ڊي پي 26-2025ع ۾ شامل 57 بلين فنڊز روڊن جي تعمير، 20 بلين آبپاشي، 9 بلين توانائي، 20 بلين تعليم، 16 بلين صحت ۽ 35 بلين سوشل پروٽيڪشن لاءِ رکيا ويا هئا. انهن ۾ پيداواري شعبن کي مجموعي طور 7 بلين بجيٽ رکيا ويا جن ۾ زراعت، معدنيات ۽ ماهگيري شامل آهن. هلندڙ مالي سال ۾ 249 بلين جو صوبائي پي ايس ڊي پي پيش ڪيو ويو آهي جيڪو قومي ۽ عالمي ترقياتي هدف سان هم آهنگ هو. گرين پاڪستان انيشيئٽو (Green Pakistan Initiative) تحت ڏکڻ بلوچستان جي 21 هزار ايڪڙ زمين سولر ٽيوب ذريعي سيراب ٿي رهي آهي ۽ 513 ڪٽنبن ۾ 1.9 بلين جا قرض ورهايا ويا جيڪو هڪ سبز ۽ خوشحال پاڪستان جي ضمانت آهي. هلندڙ مالي سال 26-2025ع دوران فنانس کاتي بلوچستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب لکيو آهي. روايتي نظام کي تبديل ڪري ڊجيٽل سڌارا لاڳو ڪرايا آهن جنهن ۾ پينشن آٽوميشن، ڪيش ليس اڪانومي، آن لائن بلنگ سسٽم، فنانس مئنجمينٽ انفارميشن سسٽم ۽ فنانس جي پي ٽي جهڙا انقلابي قدم شامل آهن جيڪي صوبي جي مالي نظام کي تيز ۽ گهر ويٺي ڏي وٺ جي سهولتن کي آسان بڻائين ٿا. ان سان گڏوگڏ فنانس کاتي بلوچستان ۾ پهريون ڀيرو هڪ ئي ڏينهن ۾ ميرٽ تي ريڪروٽمينٽ لاءِ اي آءِ متعارف ڪرائي جنهن سان ڀرتيون سفارش بدران صرف ميرٽ ۽ قابليت جي بنياد تي ٿي چڪيون آهن. مير شعيب نوشيرواني چيو ته سڄي صوبي جي 3 هزار سرڪاري اسڪولن ۾ 2 اضافي ڪمرن جي تعمير ذريعي تعليمي سهولتن کي بهتر بڻايو ويو. انهن قدمن سان اسڪولن کان ٻاهر شاگردن جي انگ ۾ سڄي ملڪ مان بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. بنيادي صهت جي سهولتن کي بهتر بنائڻ لاءِ 164 غير فعال BHUs کي فعال بنائڻ لاءِ 2 بلين رکيا ويا جنهن ذريعي صهت جي سهولتن کي بهتر بڻايو ويو. عوامي تحفظ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سگهه وڌائڻ لاءِ PIFTAC رٿا لاءِ 500 ملين رپيا ڏنا ويا. ايندڙ مالي سال 27-2026ع دوران اسڪولن ۽ ڪاليجز ۾ فائبر آپٽڪس جي سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن شاگرد ۽ شاگردياڻين کي تيز انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل تعليم ميسر اچي سگهي. بلوچستان حڪومت جو هڪ ٻيو منصوبو بي ايل زيڊ پراجيڪٽ آهي جيڪو Baryte, Lead, Zinc جي ذخيرن جي تلاش ۽ فراهمي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي جنهن لاءِ آئينده سال ۾ 700 ملين رکيا ويا آهن. بجلي کان محروم علائقن ۾ مائڪرو گرڊ رٿائن ذريعي توانائي جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو ويندو. نوڪنڊي انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ 200 ملين سان بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. نوجوانن کي فني تعليم ۽ هنرمندي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بي ٽيوٽا کي 5 بلين جي گرانٽ جاري ڪئي وئي جنهن سان نوجوانن جي سگهه ۽ ملازمت جو بهتر انتظام ڪيو ويندو. پيپلز ٽرين سروس جي به جلد شروعات ڪئي ويندي. بلوچستان اسپيشل ڊولپمينٽ انيشيئٽو لاءِ 40 بلين رکيا ويا جيڪي بلوچستان جو هڪ نمايان قدم آهي جنهن جو مقصد سماجي ۽ معاشي ترقي کي تيز ڪرڻ آهي. انهن قدمن جي بنيادي سطح تي ڪافي موٽ ملي آهي جنهن سان ماڻهن جا مسئلا انتهائي هيٺين سطح تي حل ٿي رهيا آهن. آئينده مالي سال ۾ سيف سٽيز جي قيام لاءِ پوليس کاتي کي مختلف منصوبا ڏنا ويا آهن جن مان امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو ويندو. صوبي جي سمورن يونين ڪائونسلن ۾ صاف پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ جامع منصوبو شروع ڪيو ويندو. سمورن ضلعن ۾ فروٽ، ڀاڄين، اناج، چوپائي مال جي مارڪيٽ ۽ بس ٽرمينزل جون جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته صوبائي آمدني، وفاق طرفان مليل ناڻي ۽ صوبائي محصولن تي ٻَڌل آهي ۽ بلوچستان جو اڪثر ڀاڙڻ وفاق طرفان ناڻي تي آهي ۽ اهوئي اسان جي معاشي ۽ مالي وسيلن جو بنيادي حصو به آهي جنهن ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت طئي ٿيل فارمولي موجب Divisible Pool ۽ سڌيءَ ريت ٽرانسفرز وغيره به شامل آهن. هلندڙ مالي سال 26-2025ع جي ڪل بجيٽ جو غير ترقياتي ڪاٿو 639 بلين هو. نظرثاني بجيٽ سال 26-2025ع جو ڪاٿو 629.9 بلين رپيا هو. هلندڙ مالي سال 26-2025ع جي ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 249 بلين رپيا هو جنهن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن لاءِ 113.53 بلين رپيا جڏهن ته نئين ترقياتي اسڪيمن لاءِ 135.92 بلين رپيا جاري ڪيا ويا هئا. جڏهن ته نظرثاني ٿيل ڪاثو وڌي 287 بلين رپيا ٿي ويو آهي. هلندڙ مالي سال 26-2025ع ۾ نئين ريگيولر ۽ ڪنٽريڪٽ آسامين جي مد ۾ سمورن سرڪاري کاتن ۾ 6146 آساميون پيدا ڪيون ويون هيون، جن تي اڪثر کاتن ۾ ميرٽ تي مقرريون عمل ۾ آنديون ويون ۽ ڪجهه کاتن ۾ انهن خالي آسامين تي ڀرتين جو عمل جاري آهي. هلندڙ سال صوبي جي ڪل آمدني 886 بلين رپيا رهي جنهن ۾ صوبي جي پنهنجي ذريعن مان نظرثاني ٿيل ڪاٿو 82 بلين رپيا آهي جڏهن ته جاري خرچن جو نظرثاني ٿيل ڪاٿو 629.9 بلين رپيا آهي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جو ڪل بجيٽ خرچ ڪاٿو 1089 بلين رپيا آهي جنهن ۾ غير ترقياتي بجيٽ جو ڳاڻيٽو 797 بلين رپيا آهي جڏهن ته مجموعي صوبائي ترقياتي بجيٽ جو ڳاڻيٽو 206 بلين رپيا آهي جنهن ۾ نئين اسڪيمن لاءِ 106 بلين ۽ جاري اسڪيمن لاءِ 100 بلين رپيا رکيا ويا آهن. فيڊرل ڊولپمينٽ گرانٽس جي مد ۾ 45 بلين رپيا ۽ فارن پروجيڪٽ اسسٽنٽس جي مد ۾ 40 بلين رپيا صوبائي ترقياتي پروگرام کان علاوه آهن. اهڙيءَ طرح هي بجيٽ اسان جي صوبي جو سرپلس بجيٽ آهي. وفاق جي سهڪار سان مختلف ضلعن ۾ ڊيمز جي تعمير جاري آهي جن ۾ آواران ڊيم، گشڪور ڊيم ڪيچ، مراتنگئي ڊيم لورالائي وغيره شامل آهن جيڪي ايندڙ سالن ۾ تڪميل ٿيندا. اهڙيءَ طرح درگئي شبوزئي کان تونسه شريف روڊ جي تعمير، دُڪي کان چمالنگ روڊ جي تعمير، پنجگور گچڪ گوادر روڊ جي تعمير ۽ سوئي کان ڪشمور روڊ جي تعمير به شامل آهي. پرڏيهي امداد تحت صوبي ۾ ڪجهه وڏا پرجيڪٽ هيٺ ڏجن ٿا جنهن مطابق گوادر لسٻيله لائيو ليهوڊ سپورٽ پراجيڪٽ ۽ ري ماڊلنگ آف لسٻيله ڪينال، 10 ٻوڏ سبب متاثر پوليس اسٽيشنن جي نئين سر تعمير، پسني ۾ 50 بيڊ اسپتال جي تعمير، آواران ۾ گهرن جي تعمير، بلوچستان واٽر ريسورس ڊولپمينٽ پراجيڪٽ، انفراسٽرڪچر اپ گريڊيشن آف اسڪول ايجوڪيشن سيڪٽر گوادر، شامل آهن. هن چيو ته بلوچستان حڪومت پهريون ڀيرو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت بولان انشورنس ڪمپني لميٽيڊ قائم ڪري چڪي آهي جنهن ذريعي صوبي ۾ سمورن سرڪاري ملڪيتن، حادثن، قدرتي آفتن، صحت ۽ ٻين منصوبن کي بيما (انشور) ڪيو ويندو. انهن قدمن سان ڪنهن به قسم جي مالي نقصان جو زالو ناڻي واري صوبائي وزير تي اضافي بار وجهڻ کانسواءِ ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. زرعي شعبي جي بهتري ۽ سستي توانائي جي فراهميءَ لاءِ ٽيوب ويلز جي سولرائزيشن جي منصوبي لاءِ 3.8 بلين رکيا ويا آهن. بئنڪ آف بلوچستان جي قيام لاءِ 10 بلين رپيا رکيا ويا آهن. بلوچستان ايوي ايشن ڪمپنيءَ لاءِ 3 بلين رکيا ويا آهن جنهن مان 2 بلين رپيا ڪمپني واپس ڪندي. ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر جي ماسٽر پلان لاءِ 3 بلين رکيا ويا آهن. معدني وسيلن کي هٿي وٺرائڻ ۽ سيڙپڪاريءَ جا موقعا وڌائڻ لاءِ 490 ملين رپيا، جڏهن ته ثقافت ۽ آثارِ قديمه کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 85 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ان کان علاوه اسان جي صوبائي حڪومت پائيدار ترقيءَ جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ يعني Sustainable Development Goals تحت مالي سال لاءِ ذڪر جوڳا منصوبا ۽ ترقي اسڪيمون رکيون ويون آهن جنهن موجب موجوده حڪومت آئينده مالي سال لاءِ جامع ترقياتي ويزن جوڙيو آهي جنهن ۾ معيشت، تعليم، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جي نظام کي مرڪزي اهميت حاصل آهي جنهن ۾ ڊيم، روڊ، صنعتي زون، ٽرمينلز، ريل جا منصوبا، روزگار ۽ معيشت جي رواني، مائڪرو فنانس ۽ زراعت وغير شامل آهن. بجيٽ ۾ بلوچستان جي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ مجموعي طور تي 4 هزار نيون آساميون مختلف سرڪاري کاتن ۾ پيدا ڪيون پيون وڃن، جنهن ۾ 3 هزار اسڪول ايجوڪيشن، 500 صحت کاتي، هزار آساميون نَون ضلعن ۽ 500 آساميون مختلف کاتن لاءِ آهن. ايندڙ مالي سال ۾ اسان پنهنجي بجيٽ ۾ پهريون ڀيرو ڪلائميٽ ۽ جينڊر ٽيگنگ کي شامل ڪيو آهي جيڪو هڪ اهم ۽ جديد قدم آهي جنهن ذريعي ترقياتي رٿائن کي ماحول دوست بنائي سگهجي ٿو ۽ وسيلن جي ورڇ سڌيءَ ريت عورتن جي فلاح ۽ بهبود ۽ معاشي خودمختياري تي هوندي. ڪوئيته ۾ جديد طبي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ نيو ٽراما سينٽر جي خرچن لاءِ 1.3 بلين رکيا ويا آهن. بلوچستان هيلٿ ڪارڊ لاءِ 4.5 بلين گرانٽ مان وڌائي 6.0 بلين ڪئي وئي آهي. بجيٽ دوران پي پي ايڇ آءِ جي گرانٽ 7.6 بلين مان وڌائي 8.8 بلين ڪئي وئي آهي. دوائن جي مد ۾ 6.9 بلين مان وڌائي 8.5 بلين ڪري 23 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. ڪيچ ضلعي ۾ ٿيليسيميا سينٽر جي قيام لاءِ 10 ملين رپيا اهڙيءَ طرح گوادر ۾ ٿيليسيما سينٽر لاءِ به 9 ملين رپيا رکيا ويا آهن. شيخ زيد بن النعيان انسٽيٽوٽ آف ڪارڊيولوجي جي موجوده گرانٽ 2.2 بلين مان وڌائي. 2.8 بلين ڪئي وئي آهي. پي جي ايس ۽ ايڇ او ايس لاءِ 1.1 بلين رکيا ويا آهن. مستونگ ضلعي جي نواب غوث بخش رئيسائي ميموريل اسپتال جي گرانٽ کي 400 ملين مان وڌائي 735 ملين رپيا ڪيو ويو آهي. برن يونٽ ڪوئيٽه لاءِ 400 ملين رکيا ويا آهن. پرنس فهد اسپتال دالبندين لاءِ 400 ملين رکيا ويا آهن. پسني پاڪ عمان اسپتال ۾ عوام کي طبي سهولتن جي بهتر فراهميءَ لاءِ 200 ملين مان وڌائي 279 ملين ڪيا ويا آهن. بلوچستان نيوٽريشن پروگرام لاءِ 1.5 بلين رپيا رکيا ويا آهن، جيڪي غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ جو هڪ جامع پروگرام آهي. بجيٽ ۾ صحت کاتي لاءِ 500 نيون آساميون پيدا ڪيون ويون آهن. مجموعي طور تي بجيٽ ۾ صحت کاتي جي ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 6 بلين ۽ غير ترقياتي بجيٽ بنا اثاثن جي 90 بلين رپيا رکيا ويا آهن جيڪي گذريل سال 71 بلين هئا ۽هاڻ 30 سيڪڙو وڌايو ويو آهي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن جو مجموعي بجيٽ اثاثن کان سواءِ 125 بلين مان وڌائي 144 بلين رپيا رکيو ويو جنهن ۾ 15 سيڪڙو جو اضافو ڪيو آهي جنهن ۾ 115 بلين اسڪول ايجوڪيشن لاءِ رکيل آهن. تعليم کاتي جي ملازمن جي مالي معاونت لاءِ ڊيٿ ڪمپنسيشن گرانٽ کي 30 ملين مان وڌائي 100 ملين جي نمايان واڌ ڪئي وئي آهي. ڪلسٽر بجيٽ کي 2.5 بلين مان وڌائي 2.9 بلين ڪيو ويو آهي ۽ ان جي پُر اثر استعمال لاءِ هڪ نئين شفاف پاليسي متعارف ڪرائي وئي آهي. اسڪول ايجوڪيشن لاءِ شهيد بينظير ڀٽو اسڪالرشپ جي مد ۾ 14 ملين رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال ۾ تعليم اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لاءِ 3 هزار نيون آساميون پيدا ڪيون ويون آهن. ايندڙ مالي سال ۾ اسڪول ايجوڪيشن جي ترقياتي بجيٽ ۾ 12 بلين ۽ غير ترقياتي مد ۾ 115 بلين رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ ڪالجز اينڊ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کاتي لاءِ غير ترقياتي مد ۾ 24 بلين رپيا ويا هئا، جيڪي ايندڙ مالي سال ۾ 28 بلين هوندا. مالي سال 27-2026ع ۾ پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيز جي موجوده گرانٽ 8 بلين کي برقرار رکيو ويو آهي، ان کان علاوه (KPIs) کي حاصل ڪرڻ سان مشروط 2 بلين ڪارڪردگي تي ٻَڌل فنڊنگ تجويز ڪئي وئي آهي. مالي سال ۾ ڪاليجز کاتي لاءِ اسڪالرشپ جي مد ۾ 105.8 ملين رکيا ويا آهن جنهن ۾ 54 ملين شهيد بينظير ڀٽو اسڪالرشپ ذريعي بلوچستان مان هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فراهم ڪيا ويندا. ايندڙ مالي سال ۾ نسٽ يونيورسٽي جي مالي ڏُکيائين جي حل لاءِ 200 بلين رکيا ويا آهن. زراعت کاتي ۾ Cotton Maximization Program تحت 200 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ايگرو مارڪيٽ حب لاءِ 2.5 بلين رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال ۾ ڪسان ڪارڊ پروگرام لاءِ هڪ بلين رکيا ويا آهن. زراعت کاتي جي ترقياتي مد ۾ 4.4 بلين ۽ غير ترقياتي مد ۾ 19.2 بلين رکيا ويا آهن. مڪاني ادارن کي مستحڪم ۽ پائيدار بنائڻ لاءِ موجوده حڪومت لوڪل گورنمينٽ سسٽم کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي. ايندڙ مالي سال ۾ لوڪل گورنمينٽ کاتي لاءِ 36.9 بلين جي گرانٽ جاري ڪئي ويندي، جنهن ۾ 35 بلين رپيا لوڪل ڪائونسل لاءِ رکيا ويا آهن جن ۾ مشينري جي خريداري، پگهارن، ترقياتي ۽ غير ترقياتي ڪم شامل آهن جيڪي LCFC ذريعي ضلعن ۾ ورهايا ويندا. بجيٽ ۾ سڄي بلوچستان ۾ يونين ڪائونسل آفيسن جي تعمير سميت سمورن لاڳاپيل سهولتن لاءِ 1.5 بلين رکيا ويا آهن. ڪوئيٽه ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن لاءِ High Reach Snorkel Fire Tender جي خريداريءَ لاءِ 900 ملين رکيا ويا آهن جنهن ذريعي بلند عمارتن ۾ باهه جو خطرو گهٽ ٿيندو. ايندڙ مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ ترقياتي مد ۾ 8.5 ملين ۽ غير ترقياتي مد ۾ 41.4 بلين رکيا ويا آهن. مير شعيب نوشيراوني چيو ته قلعه سيف الله بي ٽو روڊ جي تعمير جي فيز ون لاءِ هڪ بلين رکيا ويا آهن. جهل مگسي ۾ نوتال کان گنداوا تائين ٻوڏ سبب متاثر روڊن جي تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ ڪ بلين لاڳت جو منصوب آهي. ڊيرا بگٽي کان سوئي تائين بليڪ ٽاپ روڊ جي تعمير جو منصوبو آهي. ڪوهلو ضلعي ۾ بي ٽي روڊ ۾ سبي روڊ کان تلي تنگي ڪوهلو تائين 988 ملين جي لاڳت سان تعمير ڪئي ويندي. ڪيچ ضلعي ۾ تربت کان پيدارڪ روڊ جي تعمير لاءِ 1.5 بلين رکيا ويا آهن. پاڪ افغان بارڊر باديني تي بارڊر ٽرمينل جي تعمير لاءِ 4.5 بلين رکيا ويا آهن. هلندڙ مالي سال لاءِ 6 ضلعن ۾ آفيسون ۽ رهائشگاهون جي تعمير جي ٽئين مرحلي لاءِ هڪ بلين رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال ۾ ان شعبي جي ترقياتي مد ۾ 243 ملين ۽ غير ترقياتي مد ۾ 1.2 بلين رکيا ويا آهن. مالي سال ۾ پوليس کاتي جي ڊيٿ ڪمپنسيشن جي مد ۾ 530 ملين جڏهن ته شهيدن جي ٻارن جي تعليمي خرچن لاءِ 20 ملين رکيا ويا آهن. مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ غير ترقياتي مد ۾ 87.2 بلين رکيا ويا آهن. مختلف ضلعن ۾ جيلن جي سيڪيورٽي مضبوط بنائڻ لاءِ سيڪيورٽي وال، بائونڊر وال ۽ واچ ٽاور جي تعمير لاءِ 500 ملين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي جنهن ۾ مڇ جيل، سبي جيل، تربت ۽ ڊيرا مراد جمالي شامل آهن. نيول سينٽرل جيل ڪوئيٽه جي تعمير لاءِ 100 بلين رکيا ويا آهن. بلوچستان فارنزڪ سائنس ايجنسي جي فيز ٽو لاءِ هڪ بلين جاري ڪيا ويندا جنهن سان ڊي اين اي ٽيسٽ، فنگر پرنٽس ۽ ٻين شاهديون ڪوئيٽه ۾ ئي ٽيسٽ ٿينديون. مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ غير ترقياتي مد ۾ 2.8 بلين رکيا ويا آهن. مالي سال دوران ڪوئيٽه جي فيڊر روٽس تي 18 بسن لاءِ 700 ملين ٽرانسپورٽ کاتي کي جاري ڪيا ويندا. گرين ۽ پنڪ بسن جا 50 بس اسٽاپس لاءِ 124 ملين رکيا ويا آهن جيڪي اسان جي مائرن ۽ ڀيڻن کي محفوظ ۽ باعزت سفري سهولتون فراهم ڪندا. مالي سال ۾ بلوچستان ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو جي گرانٽ 60 ملين مان وڌائي 80 ملين ڪئي وئي آهي. ايندڙ مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ ترقياتي مد ۾ 1.5 بلين رپيا ۽ غير ترقياتي مد ۾ 1.29 بلين رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال ۾ ڪوئيٽه ضلعي ۾ آبپاشي جي بنيادي ڍانچي جي بهتريءَ لاءِ 833 ملين رکيا ويا آهن. ڊيمن جي ڪمانڊ ايرياز جي فزيبلٽي اسٽڊي لاءِ 285 ملين رکيا ويا آهن جنهن ذريعي پاڻي جي هر قطري کي قيمتي بڻايو ويندو.ايندڙ مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ ترقياتي مد ۾ 12.8 ملين رپيا ۽ غير ترقياتي مد ۾ 5.79 بلين رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال دوران مختلف شهرن ۾ سيف سٽي منصوبي جي فيز ٽو جي قيام لاءِ 5 بلين رکيا ويا آهن جنهن ذريعي ڏوهن جي شرح ۾ گهٽتائي آڻي سگهبي. نوجوانن ۾ ڊجيٽل ۽ـ آءِ ٽي اسڪلز کي اجاگر ڪرڻ لاءِ Digibizz جي ٻئي مرحلي لاءِ 1.7 بلين رکيا ويا آهن. مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ ترقياتي مد ۾ 16 بلين ۽ غير ترقياتي مد ۾ 1.41 بلين رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال ۾ چمالنگ ۾ سائن ريسڪيو اينڊ ٽريننگ سينٽر جي قيام لاءِ 100 ملين رکيا ويا آهن. ڪوئيٽه ۾ منرل ٽيسٽنگ ليبارٽري لاءِ 30 ملين رکيا ويا آهن جنهن سان صوبي جي معدنيات کي هتي ئي ٽيسٽ ڪيو ويندو. مالي سال ۾ ان شعبي جي ترقياتي مد ۾ 145 ملين ۽ غير ترقياتي مد ۾ 4.7 بلين رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال دوران صوبي ۾ ڊجيٽل فشريز انفارميشن مئنجمينٽ سسٽم ۽ ميرين ريسورس مپنگ لاڳو ڪرڻ لاءِ 100 ملين رکيا ويا آهن جنهن سان ماهيگيري جي شفافيت ۽ سامونڊي وسيلن جي پائيداري يقيني بڻائي ويندي. حب ضلعي ۾ شرمپ هيچري جي قيام لاءِ 500 ملين رکيا ويا آهن. بلوچستان جي سڀ کان وڏي منصوبي ٽيوب ويلز جي سولرائزيشن جي نمايان اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. ان منصوبي لاءِ ڪل 55 بلين رپين جي لاڳت آهي جنهن ۾ 38.5 بلين وفاقي حڪومت ۽ 16.5 بلين بلوچستان حڪومت طرفان شامل آهن. گذريل ٽن سالن ۾ 51.2 بلين جاري ٿي چڪا آهن جيڪي هڪ شفاف ڊجيٽل طريقيڪار ذريعي سڌيءَ ريت بئنڪ اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪيا ويندا آهن. باقي رهيل 3.8 بلين ايندڙ مالي سال لاءِ رکيا ويا آهن جيڪي انشاءَ الله ان منصوبي کي 100 سيڪڙو تڪميل تائين پهچائيندا. نوجوانن جي فني تعليم ۽ هنرمنديءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بي ٽيوٽا لاءِ 171 ملين جي گرانٽ جاري ڪئي ويندي. ايندڙ سال ۾ سينٽر آف ايڪسيلينس لاءِ 5 ملين ۽ گوادر جي ماڊل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي لاءِ 3 ملين رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال دوران بلوچستان انسٽيٽيوٽ آف اسڪل ڊولپمينٽ نصير آباد لاءِ 3 ملين ۽ اهڙيءَ طرح وومين ٽيڪنڪل ٽريننگ سينٽر ڪوئيٽه لاءِ 3 ملين رپيا فراهم ڪيا ويندا. ايندڙ مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ ترقياتي مد ۾ 58 ملين ۽ غير ترقياتي مد ۾ 5.5 بلين رکيا ويا آهن. ترقياتي رٿا تحت ڪوئيٽه اوڀرندي باءِ پاس جي اندسٽريل اسٽيٽ جي ڊولپمينٽ جي ٽئين مرحلي لاءِ 400 ملين رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ ترقياتي مد ۾ 4.2 بلين ۽ غير ترقياتي مد ۾ 4.76 بلين رکيا ويا آهن. ان کان علاوه ايندڙ مالي سال ۾ بلوچستان حڪومت عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ 1.5 بلين کان وڌيڪ خاص فنڊز جاري ڪري رهي آهي جنهن جا تفصيل هي آهن: اسپيشل پرسن سپورٽ فنڊ، ماهيگير ويلفيئر فنڊ، صحافي ۽ آرٽسٽ ويلفيئر فنڊ، اقليتي ويلفيئر فنڊ، سڄي صوبي ۾ 500 اليڪٽرڪ ويل چيئرز جي خريد ۽ ورڇ لاءِ 200 ملين رکيا ويا آهن. مال سال 27-2026ع ۾ ان شعبي لاءِ ترقياتي مد ۾ 329 ملين ۽ غير ترقياتي مد ۾ 6.39 بلين رکيا ويا آهن. پشين ضلعي بوستان ۾ مارخور بريڊنگ فارم سميت سمورين سهولتن جي قيام لاءِ 100 ملين رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ ترقياتي مد ۾ 978 ملين ۽ غير ترقياتي مد ۾ 3.76 ملين رکيا ويا آهن. مالي سال لاءِ ڊجيٽل ريڊيو جي منصوبي لاءِ 101 ملين رکيا ويا آهن جن ۾ ٻه طرفي ڊجيٽل نظام جي توسيع ڪئي ويندي ۽ ريڊيو ٽاورز ريڊيو ڪميونيڪيشن ۽ موبائل اسٽيشن ذريعي سرڪاري آفيس جو رابطو بهتر ٿيندو. مالي سال ۾ ان شعبي جي ٽاورز لاءِ 3.31 ملين رکيا ويا آهن جن ۾ 40 ملين غير ترقياتي بجيٽ تحت تربيت ۽ سگهه لاءِ رکيا ويا آهن. ان شعبي لاءِ ترقياتي مد ۾ 60 ملين رکيا ويا آهن. عورتن لاءِ ڪاروبار لاءِ بنا وياج قرض جي فراهمي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم قدم آهي. ايندڙ مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ ترقياتي مد ۾ 74 ملين ۽ غير ترقياتي مد ۾ 579 ملين رکيا ويا آهن. مالي سال ۾ مختلف ضلعن ۾ مندرن جي بحالي ۽ اضافي تعميرات ۽ واڌ لاءِ 300 ملين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي جن ۾ جهل مگسي، نصير آباد، جعفر آباد، ڪيچ، نوشڪي ۽ ڪوئيٽه وغيره شامل آهن. ايندڙ مالي سال ۾ اقليتي معاملن لاءِ 200 ملين جي ريگيولر گرانٽ جاري ڪئي ويندي. ايندڙ مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ ترقياتي مد ۾ 663 ملين رپيا ۽ غير ترقياتي مد ۾ 1.57 بلين رکيا ويا آهن. پبلڪ ٽرانسپورٽ تي سيلز ٽيڪس معاف ڪيو ويو آهي. نين اليڪٽرڪ گاڏين تي 100 سيڪڙو ٽيڪس معاف ڪيو ويو آهي. پبلڪ جائداد جي انشور تي سيلز ٽيڪس معاف ڪيو ويو آهي. صوبي ۾ صنعتي ترقيءَ لاءِ ايڪسپورٽ پراسيسنگ زون ۾ پرڏيهي انويسٽمينٽ تي سمورن صوبائي ٽيڪسن کي معاف ڪيو ويو آهي. تعليمي خدمتن تي سيلز ٽيڪس ٻڙي ڪيو ويو آهي. هوٽل ٽيڪس جو 1965ع جو قانون ۽ هوٽلن تي ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي. ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جائداد جي منتلقي تي لاڳو ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس ۽ـ اسٽامپ ڊيوٽي جي شرح 2 سيڪڙو مان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪئي وئي آهي. پنهنجي تقرير جي پڄاڻيءَ تي خاص طور تي اسيمبليءَ جي اسيپڪر، معزز مهمانن ۽ اسيمبلي اشتاف جو ٿورائتو آهيان جنهن ايوان جو تقدس ۽ نظم و ضبط برقرار رکيو ۽ انهن سمورن ماڻهن جو ٿورائتو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن بجيٽ جي تياري ۾ ڏينهن رات محنت ۽ معاونت جي خاص ڪري فنانس، پي اينڊ ڊي ۽ گورنمينٽ پرنٽنگ پريس جو پنهنجي فرض سهڻي انداز سان سرانجام ڏيندا رهيا ۽ گڏوگڏ ئي سڌ سماءَ کاتي، پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي صحافين جو به شڪريو ادا ڪريان ٿو. آخر ۾ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جو دل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو جنهن مون تي ۽ منهنجي پوري ٽيم تي اعتماد ڪيو ۽ اسان جي رهنمائي فرمائي. آخر ۾ الله تعاليٰ آڏو دعاڳو آهيان ته هو اسان کي بلوچستان کي حقيقي معنائن ۾ خوشحال ۽ ترقي يافته بنائڻ جي توفيق عطا فرماءِ. آمين.









