وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي سياسي ۽ ملڪي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ترقي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ موثر رابطي ۽ گڏيل تعاون کي لازمي قرار ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير …

اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ترقي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ موثر رابطي ۽ گڏيل تعاون کي لازمي قرار ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما پڻ موجود هئا. سينيٽر شيري رحمان ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر پڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين سان گڏ هئا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ اوڀر جي صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان جي عالمي امن جي لاءِ ڪئي ويندڙ سفارتي ڪوششن جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي سياسي ۽ ملڪي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت پاران سنڌ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو پڻ ورتو. ملاقات ۾ بجيٽ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ موثر رابطي ۽ گڏيل تعاون کي قومي ترقي جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته قومي اهميت جي منصوبن جي ڪامياب تڪميل ۽ عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي وچ ۾ ويجهو تعاون جاري رکيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي ۾ حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.