
لنڊن – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي دولت مشترڪه جي ٻين حڪومتي ۽ مملڪتي سربراهن سان گڏ برطانوي وزيراعظم ٿريسامي پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. اها تقريب لنڊن جي سينٽ جيمز محل ۾ ٿي. ان موقعي تي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پڻ ٿريسامي سان گڏ موجود هئي. آجياڻي واري تقريب کانپوءِ سمورا اڳواڻ ايگزيڪيوٽو سيشنز جي لاءِ لنڪاسٽر هائوس پهچي ويا.