اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب 18 سالن کانپوءِ اٺين ويج بورڊ جوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. هو نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ صحافتي برادري سان ڊگهي ڳالهين کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائي رهي هئي. نيشنل پريس ڪلب، پي ايف يو …
اٺين ويج بورڊ جو نوٽيفڪيشن ڪابينا جي منظوري کانپوءِ جاري ٿيندو: مريم اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب 18 سالن کانپوءِ اٺين ويج بورڊ جوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. هو نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ صحافتي برادري سان ڊگهي ڳالهين کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائي رهي هئي. نيشنل پريس ڪلب، پي ايف يو جي ۽ ٻين صحافتي تنظيمن جا عهديدار پڻ ساڻس گڏ هئا. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ جي مختلف حصن مان سفر ڪري آيل صحافين جا ٿورا مڃون ٿا.










