اقتصادي راهداري جا ثمر موثر ٽيم ورڪ جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجن ٿا: صدر

ڪراچي – 31 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اقتصادي راهداري جا ثمر موثر ٽيم ورڪ جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجن ٿا، ويجهي مستقبل ۾ اقتصادي لنگهه جي مڪمل فعاليت سان بيمه انڊسٽري جي اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ۽ نوعيت ۾ وڏي حد تائين تبديليون رونما ٿينديون. بيمه جي صنعت جيتري متحرڪ، فعال هوندي ۽ معاملن جي فني پيچيدگين کي سادو ۽ آسان بڻائيندي، ايترو …

ڪراچي – 31 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اقتصادي راهداري جا ثمر موثر ٽيم ورڪ جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجن ٿا، ويجهي مستقبل ۾ اقتصادي لنگهه جي مڪمل فعاليت سان بيمه انڊسٽري جي اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ۽ نوعيت ۾ وڏي حد تائين تبديليون رونما ٿينديون. بيمه جي صنعت جيتري متحرڪ، فعال هوندي ۽ معاملن جي فني پيچيدگين کي سادو ۽ آسان بڻائيندي، ايترو ئي ان جي خدمتن جو دائرو وسيع ٿيندو، بيمه جي صنعت صرف هڪ ڪاروبار نه پر قومي خدمت جو هڪ مفيد اداري جي حيثيت رکي ٿي، اهي ڳالهيون هن وفاقي محتسب براءِ انشورنس جي اهتمام هيٺ پاڪ چين اقتصادي راهداري ۽ بيمه انڊسٽري جي ڏس ۾ منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي چيون.