سوات – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، اسان عوام جي خدمت کي عبادت سمجهون ٿا، قومي منصوبن سان تبديلي آڻي رهيا آهيون، هر ڪنهن جو پنهنجو نصيب آهي ڪو رستا ٺاهي رهيو آهي ته ڪو وري رستن تي اچي رهيو آهي، پاڪستان ۽ خيبرپختونخواهه ترقي ڪندو، ڪڊني اسپتال پنجاب حڪومت پاران سوات جي عوام جي لاءِ تحفو آهي. نواز شريف ڪڊني اسپتال جي افتتاح کانپوءِ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو اڳ به ڪيترائي ڀيرا مينگوره آيو، اڄ عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته ماڻهو جنهن تبديلي جو خواب ڏسي رهيا هئا اها هتي نه آئي پر هاڻي انشاءَ الله ايندي.