مالي وسيلن جي وقت سر استعمال جي نگراني لاءِ موثر نظام جوڙيو وڃي: اسحاق ڊار

اسلام آباد - 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ واري پروگرام جي فنڊز جي منصفاڻي ۽ هڪ جهڙي ورڇ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي هدايت ڪئي آهي ته مالي وسيلن جي وقت سر استعمال جي نگراني جي لاءِ موثر نظام جوڙيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو …

اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ واري پروگرام جي فنڊز جي منصفاڻي ۽ هڪ جهڙي ورڇ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي هدايت ڪئي آهي ته مالي وسيلن جي وقت سر استعمال جي نگراني جي لاءِ موثر نظام جوڙيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ترقياتي منصوبن جا نتيجا قومي پائيدار ترقي جي هدف سان مڪمل طور تي هم آهنگ هجن. اڱاري ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ جي پروگرام (ايس اي پي) جي اسٽيئرنگ ڪيمٽي جو 52هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد جي مجموعي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته فنڊز جي استعمال جو تفصيلي جائزو پڻ ورتو ويو. ان دوران سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي منصفاڻي بنيادن تي يقيني بڻائڻ جي طريقيڪار تي خاص ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت ايس اي پي فنڊز جي منصفاڻي ۽  هڪجهڙي ورڇ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. هن سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ عملدرآمد ڪندڙ ايجنسين کي هدايت ڪئي ته شفافيت برقرار رکي وڃي، اعلى معيار کي يقيني بڻايو وڃي ۽ منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪيو وڃي ته جيئن بنيادي سهولتن ۽ انفراسٽرڪچر سان هدفي آبادي موثر انداز ۾ فائدو کڻي سگهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪميٽي کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته مالي وسيلن جي وقت سر استعمال جي نگراني جي لاءِ موثر نظام جوڙيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ترقياتي منصوبن جا نتيجا قومي پائيدار ترقي جي هدفن سان مڪمل طور تي هم آهنگ هجن. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن، پارلياماني معاملن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، مواصلات ۽ توانائي وارن وفاقي وزيرن کانسواءِ وزيراعظم جي بين الصوبائي رابطن جي صلاحڪار، قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف، پلين بلوچ ۽ شازيه مري، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ڪابينا واري سيڪريٽري، صوبن جي سينيئر عملدارن ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں