اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ جي عوام کي صحت جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. هن اها ڳالهه نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن جي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر درشن پونچي سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي چئي. صدر ممنون حسين چيو ته حڪومت پاران عوام کي صحت جي سهولتن جي فراهمي جي ڏس ۾ ڪيترائي نمايان قدم کنيا ويا آهن.