اسلام آباد - 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر شفقت عباس کي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنل پبلسٽي ونگ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران اڱاري ڏينهن جاري نوٽيفڪيشن موجب شفقت عباس جيڪو ان کان اڳ لاهور ۾ ريجنل انفارميشن آفيس، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڊائريڪٽر جنرل (پي آر) جا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو، کي فوري …
انفارميشن گروپ جو آفيسر شفقت عباس ڊائريڪٽر جنرل انٽرنل پبلسٽي ونگ مقرر
اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر شفقت عباس کي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنل پبلسٽي ونگ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران اڱاري ڏينهن جاري نوٽيفڪيشن موجب شفقت عباس جيڪو ان کان اڳ لاهور ۾ ريجنل انفارميشن آفيس، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڊائريڪٽر جنرل (پي آر) جا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو، کي فوري طور تي نئين ذميواري ڏني وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب شفقت عباس جي مقرري ڊائريڪٽر جنرل انٽرنل پبلسٽي ونگ عاشق حسين شيخ جي جڳهه تي ڪئي وئي آهي ۽ ايندڙ حڪمن تائين هو ان عهدي تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو.











