پاڪستان پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ نار جنگ دوران گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ۽ سڃاڻپ جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور

گڏيل قومون-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته 1990ع ۾ عراق جي ڪويت تي حملي کانپوءِ گم ٿيل ڪويتي شهرين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي انجام جو تعين ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن ته جئين ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي پيارن جي منتظر خاندانن کي ذهني سڪون ملي سگهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون سلامتي …

گڏيل قومون-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته 1990ع ۾ عراق جي ڪويت تي حملي کانپوءِ گم ٿيل ڪويتي شهرين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي انجام جو تعين ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن ته جئين ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي پيارن جي منتظر خاندانن کي ذهني سڪون ملي سگهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته رپورٽ جي جائزي هيٺ هڪ عرصي دوران ڪنهن نئين گم ٿيل شخص جي سڃاڻپ نه هجڻ تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته 91-1990ع جي المناڪ واقعي جي ڊگهي انساني اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ گم ٿيل ڪويتي شهرين ۽ ٽئين ملڪن جي شهرين جي انجام جو تعقين، انهن جي باقيات گهرڀاتين جي حوالي ڪرڻ ۽ ڪويتي ملڪيت جي واپسي لاءِ فوري قدم ضروري آهن. هن عراق ۽ ڪويت طرفان گڏيل احترام جي عزم جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اها هاڪاري اڳڀرائي گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا، ملڪيت ۽ سرڪاري دستاويزن جي واپسي جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم بنياد ثابت ٿيندي.