دوحا-27 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ دوحا ۾ ڪيتريون ئي اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون. اڱاري ڏينهن هتي جاري ڪيل بيان موجب واپار واري وفاقي وزير قطر سميت عالمي سيڙپڪارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ واپاري لاڳاپن، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي …
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال جو دوحا ۾ اهم ملاقاتن جو سلسلو جاري
دوحا-27 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ دوحا ۾ ڪيتريون ئي اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون. اڱاري ڏينهن هتي جاري ڪيل بيان موجب واپار واري وفاقي وزير قطر سميت عالمي سيڙپڪارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ واپاري لاڳاپن، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير ڊي ايٽ جي سيڪريٽري جنرل سان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊي ايٽ ملڪن وچ ۾ واپار وڌائڻ ۽ اقتصادي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڊي ايٽ ملڪن جي گڏيل واپار کي 2030ع تائين 500 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي هدف تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته ڊي ايٽ ترجيحي واپاري معاهدي تي مؤثر عملدرآمد جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڊي ايٽ ملڪن وچ ۾ واپاري رڪاوٽن کي گهٽائڻ ۽ نئين مارڪيٽن تائين پهچ وڌائڻ چاهيون ٿا. ملاقات ۾ ڊي ايٽ ملڪن ۾ نجي شعبي جي ڀائيواري کي وڌائڻ ۽ واپاري موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير قطر جي مقامي حڪومت جي وزير سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ زراعت، خوراڪ جي تحفظ ۽ واپاري تعاون کي وڌائڻ جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ زرعي شعبي ۾ گڏيل ڪاروباري موقعا ڳولڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان ۽ قطر زرعي سپلاءِ چين ۽ خوراڪ جي تحفظ جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءَ ڪيو. ان موقعي تي ڄام ڪمال خان چيو ته زرعي ترقي ۽ خوراڪ جي تحفظ ۾ پاڪ قطر تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن جنهن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو ويندو. واپار واري وفاقي وزير قطر چيمبر آف ڪامرس جي چيئرمين سان به ملاقات ڪئي. ڄام ڪمال خان قطر جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي خاص اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چيو ته قطري سيڙپڪارن کي ڪراچي جي صنعتي علائقن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ روانگي واپار جي صنعتن ۽ گڏيل صنعتي منصوبن لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. واپار واري وزير دوحا ۾ قطري ريتاج گروپ سان پڻ ملاقات ڪئي. قطري ريتاج گروپ پاڪستان جي هوٽل ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قطر جو سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ ڪاروباري ڀائيواري کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت واپار، زراعت، صنعت ۽ سياحت ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان اقتصادي سفارتڪاري ذريعي عالمي واپاري ڀائيواري کي وڌائي رهيو آهي. عالمي اقتصادي رابطن کي عملي واپار ۽ سيڙپڪاري منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي.








