حيدرآباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شعبي پوليٽيڪل سائنس پاران 27 آڪٽوبر ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي حوالي سان قومي سمپوزيم منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪشمير مسئلي جي تاريخي پس منظر، سياسي پهلوئن ۽ انساني بنيادن تي ان جي اثرن جو جائزو ورتو ويو. سمپوزيم جي صدارت فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام ڪئي. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي …
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي حوالي سان قومي سمپوزيم منعقد
حيدرآباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شعبي پوليٽيڪل سائنس پاران 27 آڪٽوبر ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي حوالي سان قومي سمپوزيم منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪشمير مسئلي جي تاريخي پس منظر، سياسي پهلوئن ۽ انساني بنيادن تي ان جي اثرن جو جائزو ورتو ويو. سمپوزيم جي صدارت فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام ڪئي. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن جي سعادت شعبي عربيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر نظر حسين چانڊيو حاصل ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام چيو ته 27 آڪٽوبر اهو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي هئي. ڪشمير جو ڪارو ڏينهن هر سال ڪشميري، پاڪستاني ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ، ڪشميرين جي حقِ خوداراديت جي حمايت ڪندڙن پاران ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته هي سمپوزيم مسئلي ڪشمير کي تاريخي، سياسي، قانوني ۽ انساني پهلوئن کان سمجهڻ لاءِ هڪ علمي پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. ڪشمير مسئلو رڳو علائقائي دعوائن جو تڪرار نه آهي، پر ان ۾ عوامي رضامندي، خودمختياري، جمهوري نمائندگي ۽ ماڻهن جي پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي حق جهڙا بنيادي سوال پڻ شامل آهن. هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي شدت وڌي وئي آهي، جن کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن کي ترت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته هن موضوع تي يونيورسٽيءَ جون علمي سرگرميون صورتحال کي سمجهڻ لاءِ تحقيقي مطالعي، تاريخي شعور ۽ باخبر عوامي بحث مباحثي جي اهميت کي اجاگر ڪن ٿيون. سنڌ يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر چيو ته ڪشمير مسئلي جون تاريخي پاڙون اڻويهين صديءَ ۾ برطانوي نوآبادياتي اقتدار جي توسيع سان جڙيل آهن. پهرين اينگلو سک جنگ کانپوءِ 9 مارچ 1846ع تي لاهور معاهدو ٿيو، جڏهن ته 16 مارچ 1846ع تي برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ گلاب سنگهه سان امرتسر معاهدو ڪيو. هن چيو ته ان معاهدي ذريعي رياست ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊوگرا حڪمرانيءَ جو بنياد پيو. معاهدي تحت خطي جي ماڻهن جي سياسي مستقبل جو فيصلو سندن سڌيءَ ريت صلاح مشوري کانسواءِ نوآبادياتي اختيارين ۽ هڪ شاهي حڪمران وچ ۾ معاهدي ذريعي ڪيو ويو. ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر چيو ته ڀارتي فوج جا ظلم 27 آڪٽوبر 1947ع کان شروع ٿيا، جيڪي اڃا تائين جاري آهن ۽ انهن کي روڪڻ جي ضرورت آهي. تقريب ۾ شعبي پوليٽيڪل سائنس جي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اڪرم گلال سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.











