ايس آءِ ايف سي جي مدد سان ڪراچي انڊسٽريل پارڪ جي قيام جي منظوري، روانگي واپار تي ٻڌل صنعتي ترقي لاءِ اهم اڳڀرائي

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي مدد سان پاڪسان ۾ روانگي واپار تي ٻڌل صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن تحت پورٽ قاسم ويجهو ڪراچي انڊسٽريل پارڪ جي قيام جي منظوري ڏني وئي آهي. ايس آءِ ايف سي موجب تجويز ڪيل ڪراچي انڊسٽريل پارڪ 6 هزار 409 ايڪڙو ايراضي تي ٻڌل هوندو ۽ ان کي پاڪستان جو …

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي مدد سان پاڪسان ۾ روانگي واپار تي ٻڌل صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن تحت پورٽ قاسم ويجهو ڪراچي انڊسٽريل پارڪ جي قيام جي منظوري ڏني وئي آهي. ايس آءِ ايف سي موجب تجويز ڪيل ڪراچي انڊسٽريل پارڪ 6 هزار 409 ايڪڙو ايراضي تي ٻڌل هوندو ۽ ان کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو صنعتي اقتصادي زون قرار ڏنو ويو آهي. ان منصوبي جو مقصد صنعتي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملڪي صنعتي شعبي جي پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي. صنعتي سيڙپڪاري کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ نجي اڪنامڪ زونز ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي بابت پاليسي جي به منظوري ڏني وئي آهي. ان قدم سان نجي شعبي جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ۽ نون صنعتي منصوبن جي قيام ۾ مدد جي اميد آهي. ان سلسلي ۾ پنجاب جي سرڪاري اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ صنعتي اسٽيٽس لاءِ نئين ايراضي ليز پاليسي جي منظوري به ڏني وئي آهي جنهن جو مقصد صنعتي ايراضي تائين رسائي کي آسان بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي. ايس آءِ ايف سي جي مدد سان کنيل اهي قدم ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ، صنعتي ڍانچي جي بهتري ۽ روانگي واپار تي ٻڌل معاشي ترقي جي وسيع هدفن حاصل ڪرڻ طرف اهم اڳڀرائي آهن.

مزید خبریں