پشاور -27 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشمير جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي، جڏهن ڀارتي فوج ڪشمير ۾ داخل ٿي ناجائز طور ڪشمير تي قبضو ڪيو. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ميڊيا کي جاري بيان م ڪيو. گورنر چيو ته ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ڪشميري عوام جي جدوجهد، قربانين ۽ خوداراديت واري حق لاءِ …
پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: خيبر پختونخوا جو گورنر

مزید خبریں
پشاور -27 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشمير جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي، جڏهن ڀارتي فوج ڪشمير ۾ داخل ٿي ناجائز طور ڪشمير تي قبضو ڪيو. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ميڊيا کي جاري بيان م ڪيو. گورنر چيو ته ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ڪشميري عوام جي جدوجهد، قربانين ۽ خوداراديت واري حق لاءِ سندن لازوال استقامت جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته ڪشميري عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڏکيائين، پابندين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ڏکيائين ۽ مصيبتن وارين حالتن باوجود ڪشميري عوام جو خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ عزم اڄ به مضبوط آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته خيبر پختونخوا ۽ پوري پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکنداسين.










