پشاور -27 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا ۾ منڪي پاڪس ڪيسن ۾ واڌ ڏٺي پئي وڃي، خيبر پختونخوا جي صحت کاتي جي ترجمان موجب صوبي ۾ 72 ڪلاڪن دوران 4 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ ڪي پي ڪي ۾ ايم پاڪس ڪيسن جو مجموعي تعداد 18 ٿي ويو آهي. صحت ٻڌايو آهي ته سڀ کان وڌيڪ 5 ڪيس پشاور مان رپورٽ ٿيا ۽ هڪ شخص فوت …
خيبر پختونخوا ۾ منڪي پاڪس ڪيسن ۾ واڌ، 72 ڪلاڪن دوران 4 نوان ڪيس رپورٽ

مزید خبریں
پشاور -27 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا ۾ منڪي پاڪس ڪيسن ۾ واڌ ڏٺي پئي وڃي، خيبر پختونخوا جي صحت کاتي جي ترجمان موجب صوبي ۾ 72 ڪلاڪن دوران 4 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ ڪي پي ڪي ۾ ايم پاڪس ڪيسن جو مجموعي تعداد 18 ٿي ويو آهي. صحت ٻڌايو آهي ته سڀ کان وڌيڪ 5 ڪيس پشاور مان رپورٽ ٿيا ۽ هڪ شخص فوت پڻ ٿيو آهي. صحت کاتي مطابق بخار، مٿي جي سور، جسم جي سور ۽ چمڙيءَ تي داڻا يا ڇالا نڪرڻ ايم پاڪس جي علامتن ۾ شامل آهن. ان کان بچاءَ لاءِ متاثر ماڻهن سان ويجهن رابطن کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي.










