شاداب خان ۽ حارث رئوف جي اهم ڀائيواري، ٽيم جي اعتماد ۽ ڪاميابي تي خوشي جو اظهار

لاهور -27 آڪٽوبر (اي پي پي) شاداب خان ۽ حارث رئوف پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهائيندي انگلينڊ خلاف ون ڊي ميچ جي اهم ڀائيواري لاءِ ٽيم جي اعتماد ۽ ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو. شاداب خان چيو ته ان مرحلي تي دٻاءُ تمام وڌيڪ هو، پر ٻئي رانديگر هڪ ٻئي جو حوصلو وڌائيندا رهيا ۽ ماحول کي هاڪاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن مطابق سينئر رانديگرن جي حيثيت …

لاهور -27 آڪٽوبر (اي پي پي) شاداب خان ۽ حارث رئوف پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهائيندي انگلينڊ خلاف ون ڊي ميچ جي اهم ڀائيواري لاءِ ٽيم جي اعتماد ۽ ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو. شاداب خان چيو ته ان مرحلي تي دٻاءُ تمام وڌيڪ هو، پر ٻئي رانديگر هڪ ٻئي جو حوصلو وڌائيندا رهيا ۽ ماحول کي هاڪاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن مطابق سينئر رانديگرن جي حيثيت سان ٽيم مينيجمينٽ ۽ سليڪٽرز جو اعتماد انهن لاءِ تمام اهم آهي. هنن چيو ته هو ان حمايت تي ٿورائتا آهن ۽ خوش آهن ته پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي اعتماد تي پورا لهي سگهيا. حارث رئوف ٻڌايو ته کيس شروع کان ئي يقين هو ته پاڪستان اها ميچ کٽي سگهندو، هو مسلسل شاداب خان کي پراعتماد رهڻ ۽ يقين سان کيڏڻ جي تلقين ڪندو رهيو. ميچ جي آخري گهڙين ۾ هن شاداب کي چيو ته هو پاڻ ميچ جي پڄاڻي ڪندا. هن چيو ته خوش قسمتي سان پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. هن چيو ته پاڪستان لاءِ ان انداز ۾ يادگار ڪاميابي حاصل ڪرڻ هڪ خاص احساس آهي.

مزید خبریں