اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪشميري عوام جي جرئت ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي خود مختياري جي تسليم ٿيل حق حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مسلسل اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت کي ورجايو آهي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي اسلام آباد ۾ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران ڪشميري عوام جي جرئت ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪشميري عوام جي جرئت ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي خود مختياري جي تسليم ٿيل حق حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مسلسل اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت کي ورجايو آهي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي اسلام آباد ۾ ڊي-چوڪ تي منعقد ٿيل ڪشمير يڪجهتي واڪ کي خطاب ڪندي ڪشميري عوام جي جرئت ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن خود مختياري جي تسليم ٿيل حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان طرفان ڪشميري عوام جي مسلسل اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت کي ورجايو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڪشميري عوام جي مُشڪلاتن جي ازالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مُوجب منصفاڻو ۽ پرامن حل يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي.









