اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن تي زور ڀريو آهي ته اهي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي، پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. هن اها ڳالهه ڪشمير …
عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون ۽ عالمي انساني حقن جُون تنظيمُون والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن تي زور ڀريو آهي ته اهي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي، پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. هن اها ڳالهه ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 27 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع اسان کي ان افسوسناڪ ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن ڀارتي فوج سرينگر ۾ لٿي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ هڪ ڊگهي ۽ دردناڪ باب جي شروعات ٿي، هي ڏينهن ڪشميري عوام جي پراڻي امنگن ۽ خودمختياري جي حق جي بنيادي ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي مسلسل جدوجهد جي حوالي سان اسان جي ڀرپور تائيد جو ورجاءُ آهي. صدر چيو ته گذريل 8 ڏهاڪن کان ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تشدد، ڏاڍ ۽ بنيادي حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ڪري شديد مصيبتون برداشت ڪيون آهن. ڪشميرين جي نسلن انصاف، وقار ۽ آزادي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن. اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود انهن جو حوصلو ۽ عزم پنهنجي نصب العين تي پختي وابستگي جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع کان هيستائين ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تڪرارن، پابندين ۽ بنيادي حقن کان محروم کي منهن ڏئي رهي آهي. بنيادي آزادين تي مسلسل پابندين، فوجي موجودگي ۾ نمايان اضافي، گرفتارين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو رپورٽون بدستور ڳڻتي جوڳيون آهن ۽ عالمي برادري جي مسلسل ڌيان جي ضرورت کي اجاگر ڪن ٿيون. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي جڏهن ڀارت هڪطرفي طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪشمير ڪارو ڏينهن رڳو ياد ڏيارڻ جو ڏينهن نه آهي پر اهو ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جي عزم جي ورجاءُ جو موقعو پڻ آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو ان پراڻي تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل سان گهرو تعلق آهي. صدر عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن تي زور ڀريو ته اهي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن، ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ جي ڪوششن جي حمايت ڪن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي، پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي اڻٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. اسان هر مناسب عالمي فورم تي ڪشميري عوام جو آواز بلند ۽ انهن جي جائز امنگن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڪالت ڪندا رهنداسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته هن ڏينهن اسان ڪشميري عوام جي بي پناهه قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان، انصاف، امن، وقار ۽ انهن جي جائز خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام پنهنجي امنگن موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهندي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار منصفاڻي ۽ پرامن حل طرف اڳڀرائي ڪندو.










