اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان پختي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ ممڪن نه آهي. هن اها ڳالهه ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 27 آڪٽوبر تي …
وزيراعظم پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان پختي يڪجهتي جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان پختي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ ممڪن نه آهي. هن اها ڳالهه ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 27 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ جو ڏينهن ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو هڪ افسوسناڪ باب جي شروعات جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 79 سال اڳ ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي، ان جا اثر اڄ به خطي تي اونداهي ڇانوَ ڦهلائي رکي آهي، ان ڏينهن کان هيستائين ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ تسليم ٿيل، فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ کان محروم رکيو ويو آهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام بي پناهه مشڪلاتن، مصيبتن ۽ ڏاڍ کي منهن ڏنو آهي، ان جي باوجود پنهنجي بنيادي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جرئت، ثابت قدمي ۽ اڻٿڪ عزم ۾ ڪا گهٽتائي ناهي آئي، نسل در نسل ڏني ويندڙ قربانيون، آزادي، وقار ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي مستقل جدوجهد جو روشن ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪشميري عوام جي جائز سياسي اظهار کي دٻائڻ ۽ انهن جي امنگن جي ترجماني ڪندڙ آوازن کي خاموش ڪرائڻ جون مڪروهه ڪوششون جاري رکيون آهن، ڪشميري سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جي بدستور ڊگهي قيد ڳڻتي جوڳي آهي، اها صورتحال قانوني گهرجن جي پاسداري، بنيادي آزادين جو احترام ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي مجموعي خراب ٿيندڙ حالتن تي عالمي برادري جي وڌيڪ ڌيان جي گهرجائو آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪطرفي قدمن جو هڪ سلسلو اختيار ڪري رکيو آهي جنهن ۾ بنيادي آزادين تي وسيع پئماني تي پابنديون پڻ هنيون ويون آهن، انهن قدمن ان علائقي جي سياسي، قانوني ۽ آبادياتي حيثيت کي متاثر ڪيو آهي جن طرف عالمي سطح تي سنجيده ڌيان جي ضرورت آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير بابت پاڪستان جو موقف واضح، مستقل ۽ اصولي آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ ممڪن نه آهي، اهڙو حل جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب هجي. هن چيو ته ان موقعي تي آئون انهن بي شمار ڪشميري مرد ۽ عورتن ۽ ٻارن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جن پنهنجي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون ڪوششون سدائين ياد رکيون وينديون، ڏاڍ ۽ ظلم جي ذريعي ڪشميري عوام جي امنگن کي دٻائي نه ٿو سگهجي. وزيراعظم چيو ته ڪشمير بليڪ ڊي جي موقعي تي حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪري ٿي، پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو ۽ هر قومي ۽ عالمي فورم تي انهن جي جائز حقن جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. هن دعا ڪئي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پائيدار امن، وقار ۽ سلامتي تي ٻڌل مستقبل نصيب ٿئي ۽ انهن جون امنگون، بشمول خودمختياري جو حق پورو ٿئي.










