اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته 27 آڪٽوبر ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي، آئون ڪشميري عوام جي انهن نسلن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن بيشمار مشڪلاتون برداشت ڪيون ۽ عظيم قربانيون ڏنيون. عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي گهرجي ته هو امن کي هٿي ڏي ۽ هن ڊگهي …
خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ مسلسل سفارتي ڪوششون، عالمي ذميدارين جو احترام ۽ ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ بامعنيٰ قدم ضروري آهن: ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جو ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته 27 آڪٽوبر ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي، آئون ڪشميري عوام جي انهن نسلن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن بيشمار مشڪلاتون برداشت ڪيون ۽ عظيم قربانيون ڏنيون. عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي گهرجي ته هو امن کي هٿي ڏي ۽ هن ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرار کان متاثر عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي. هتي جاري ڪيل بيان موجب امير مقام چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع جي واقعن کي ياد ڪرڻ لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جو ڪارو ڏينهن هر سال ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن تي ڀارتي فوجون سرينگر ۾ داخل ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهڙو تڪرار شروع ٿيو جيڪو 79 سال گذرڻ باوجود حل نه ٿي سگهيو آهي. هي ڏينهن ڪشميري عوام جي مشڪلاتن، قربانين ۽ جدوجهد کي ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن سان ڪيل عالمي واعدن، خاص ڪري خود اراديت جي تجديد جو ڏينهن آهي. هن چيو ته 8 ڏهاڪن کان غير قانوني طور ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ڊگهي سياسي بي يقيني، بنيادي آزادين تي پابندين ۽ انساني حقن جي سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، ان جي باوجود ڪشميري عوام نسل در نسل غير معمولي ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پنهنجي سڃاڻپ، عزت ۽ وقار ۽ سياسي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي آهي. هن چيو ته ڪشميرين جون قربانيون احترام سان ياد رکڻ جي لائق آهن ۽ انهن جي آواز کي ٻڌڻ گهرجي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ پيش ايندڙ واقعن ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي کي وڌيڪ سنگين ۽ پريشان ڪندڙ صورتحال جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هڪ طرفي آئيني ۽ انتظامي ڍانچي ۾ تبديليون، سياسي سرگرميون ۽ بنيادي آزادين تي پابنديون، ڊگهي نظربندي ۽ اهڙا قدم جن سان علائقي جي آبادي ۽ سياسي حيثيت متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي، ڪشميري عوام جي مستقبل جي حوالي سان ڳڻتي ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. امير مقام چيو ته انهن قدمن کي ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت ۽ هن تڪرار جي عالمي رخن کان الڳ ڪري نه ٿو ڏسي سگهجي. ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان پاڪستان جو موقف اصولي ۽ مستقل آهي. هن چيو ته اسان جو يقين آهي ته ڪو به هڪ طرفو قدم عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪرار جي بنيادي نوعيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي. هن مسئلي جو پائيدار حل پرامن، منصفاڻو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن جي مطابق هجڻ گهرجي.










