اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف دعوى ڪندي رهي ته هو پنهنجي حڪومت جي دور ۾ تعليم تي سڀ کان وڌيڪ بجيٽ خرچ ڪري ٿي پر اسڪولن جُون سامهون ايندڙ وڊيوز انهن دعوائن جي پت وائکي ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري ايڪس تي مالاڪنڊ …
اسڪولن جُون سامهون ايندڙ وڊيوز تحريڪ انصاف جي دعوائن جي پت وائکي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف دعوى ڪندي رهي ته هو پنهنجي حڪومت جي دور ۾ تعليم تي سڀ کان وڌيڪ بجيٽ خرچ ڪري ٿي پر اسڪولن جُون سامهون ايندڙ وڊيوز انهن دعوائن جي پت وائکي ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري ايڪس تي مالاڪنڊ جي هڪ سرڪاري اسڪول جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سوال اهو آهي ته جيڪڏهن تعليم تي بجيٽ خرچ ڪئي وئي ته پوءِ سرڪاري اسڪولن جي اها حالت ڇو آهي؟ 13 سالا اقتدار کانپوءِ به جيڪڏهن ٻارن کي بنيادي تعليمي سهولتون ميسر نه آهن ته اها رڳو بدانتظامي نه آهي پر صوبي جي مستقبل سان ناانصافي آهي، تعليم جي نالي تي دعوى نه، عملي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ضروري آهي.











