قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران  نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد (نشان حيدر) جي 78هين يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد - 26 آڪٽوبر (اي پي پي)  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد (نشان حيدر) کي سندس 78هين يوم شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي  چيو آهي، ته حياتي جي عظيم قرباني  قومي تاريخ جو روشن باب آهي. سومر تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قوم نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جي لازوال قرباني کي هميشه ياد رکندي. هن 1948ع …

اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي)  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد (نشان حيدر) کي سندس 78هين يوم شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي  چيو آهي، ته حياتي جي عظيم قرباني  قومي تاريخ جو روشن باب آهي. سومر تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قوم نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جي لازوال قرباني کي هميشه ياد رکندي. هن 1948ع جي جنگ دوران بزدل دشمن جو بهادري سان مقابلو ڪيو. نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد وطن جي دفاع خاطر حياتي جو نذرانو پيش ڪري جرئت ۽ بهادري جي لازوال داستان رقم ڪئي. سندس بهادري ۽ قرباني  ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي، نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد کي بي مثال شجاعت ۽ لازوال قرباني جي اعتراف ۾ اعليٰ ترين عسڪري اعزاز نشان حيدر سان نوازيو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ الله تعاليٰ کان دعا پڻ ڪئي.

مزید خبریں