گليشيئرز جو پگهرجڻ ۽ ڪلائوڊ برسٽ موسمياتي تبديلي جي سنگين اثرن ۾ شامل آهي: وفاقي وزير مصدق ملڪ

اسلام آباد - 26 آڪٽوبر (اي پي پي)  موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته گليشيئرز جو پگهرجڻ ۽ ڪلائوڊ برسٽ موسمياتي تبديلي جي سنگين اثرن م شامل آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آبادين، انساني زندگين ۽ تهذيبن کي متاثر ڪيو آهي جڏهن ته گرين هائوس گئسن جي نيڪال ۾ گهٽتائي ۽ متاثر ملڪن …

اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي)  موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته گليشيئرز جو پگهرجڻ ۽ ڪلائوڊ برسٽ موسمياتي تبديلي جي سنگين اثرن م شامل آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آبادين، انساني زندگين ۽ تهذيبن کي متاثر ڪيو آهي جڏهن ته گرين هائوس گئسن جي نيڪال ۾ گهٽتائي ۽ متاثر ملڪن تائين موسمياتي مالي مدد جي فراهمي اڻٽر آهي.  ٻوڏون وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصانن جو سبب بڻجن ٿيون، موسمياتي تبديلي موجوده وقت  جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. انهن خيالن جو اظهار هن سومر تي هتي پري ڪوپ-31  ڊائلاگ کي خطاب ڪندي ڪيو.  وفاقي وزير چيو ته عالمي گرمي پد ۾ اضافي سبب گليشيئرز جي پگهرجڻ ۽ ڪلائوڊ برسٽ سان پاڪسان سميت دنيا جي مختلف ملڪن کي سنگين خطرا درپيش آهن جڏهن ته موسمياتي تبديلي سبب متاثر ملڪن کي ماحولياتي مالي مدد جي مناسب فراهمي به هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته گليشيئرز بابت تباهي پکيڙيندڙ واقعن کي رڳو انگن اکرن طور ڏسڻ بدران انهن جي انساني رخن کي سمجهڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته انهن آفتن ۾ رڳو گهر ۽ بنيادي ڍانچو ئي تباهه ناهي ٿيندو پر ماڻهن جي ٻالڪپڻو، يادون، معاش ۽ پوريون آباديون به متاثر ٿينديون آهن.  هن چيو ته پاڪستان جي جابلو علائقن ۾ گليشيئرز جي پگهرجڻ جا واقعا انهن جي ابتڙ انتهائي تباهه ڪن منظر پيش ڪندا آهن جڏهن ته وڏا وڏا پٿر، پاڻي جا ريلا ۽ زمين جي لرزش ڪجهه گهڙين ۾  آبادين کي اجا ڙي  ڇڏيندي آهي.  وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل ساڍا 13 هزار گليشيئرز موجود آهن جڏهن ته ڪيتريون ئي گليشيائي ڍنڍون به خطرن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.  لاڳاپيل ادارا گليشيئرز ۽ ڍنڍن جي انوينٽري، خطرن جي نشاندهي ۽ رسڪ پروفائيلنگ تي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته اٽلي سميت مختلف ملڪن جي تعاون سان تحقيق ۽ ٻيا قدم به کنيا پيا وڃن. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته گليشيئرز جي ڦاٽڻ ۽ پگهرجڻ جي بنيادي سببن ۾ عالمي گرمي پد ۾ اضافو ۽ گرين هائوس گئسن جو نيڪال شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪاربن گئسن جي عالمي نيڪال ۾ اٽڪل  هڪ سيڪڙو حصو وجهي ٿو جڏهن ته ملڪ موسمياتي  تبديلي جي اثرن سبب شديد متاثر ٿي رهيو آهي ۽ پنهنجي نيڪال ۾ گهٽتائي لاءِ پرعزم آهي. هن عالمي ماحولياتي مالي مدد جي ورهاست تي ڳالهائيندي چيو ته گرين فنانسنگ  جو وڏو حصو انهن علائقن طرف وڃي ٿو جتي گرين هائوس گئسن جو نيڪال وڌيڪ هوندو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ نيپال جهڙن ملڪن جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن سبب شديد متاثر آهن  انهن کي گهربل مالي مدد جي فراهمي هڪ اهم مسئلو آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ  چيو ته موسمياتي تبديلي جا اثر سڀ کان پهرين جابلو علائقن کي متاثر ڪندا آهن جڏهن ته انهن علائقن ۾ ٿيندڙ تبديليون ايندڙ سالن ۾ ميداني علائقن کي به متاثر ڪري سگهن ٿيون.

مزید خبریں