چيچا وطني - 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ساهيوال ۽ چيچا وطني جو پنهنجو اهم تعزيتي دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو. دوري جي موقعي تي وزيراعظم سان سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سميت ٻيا اعلى عملدار ۽ تنظيمي عهديدار …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ساهيوال ۽ چيچا وطني جو اهم تعزيتي دورو مڪمل ڪري واپس روانو

مزید خبریں
چيچا وطني – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ساهيوال ۽ چيچا وطني جو پنهنجو اهم تعزيتي دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو. دوري جي موقعي تي وزيراعظم سان سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سميت ٻيا اعلى عملدار ۽ تنظيمي عهديدار پڻ گڏ هئا. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي ساهيوال ۽ چيچا وطني سان تعلق رکندڙ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چئن مرحوم اهم اڳواڻن ملڪ نديم ڪامران، چوڌري محمد اشرف، چوڌري محمد حنيف ۽ چوڌري محمد منير جي رهائشگاهن تي وڃي سوڳوار خاندانن سان ملاقات ڪئي، انهن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ مرحومن جي ايصال ثواب لاءِ گڏيل فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم پونئيرن سان تعزيت ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي مخلص، پراڻي ۽ باوفا ساٿين جي قربانين ۽ خدمتن کي ڪڏهن به نٿي وساري سگهي. هن چيو ته مرحوم اڳواڻن جمهوريت جي بقٰاءَ، پارٽي جي مضبوطي ۽ علائقي جي عوامي خدمت جي لاءِ جيڪو اڻٿڪ ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو سنهري لفظن ۾ لکڻ جي قابل آهي. وزيراعظم ڏکويل خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالى مرحومنکي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل ڏي. تعزيتي ملاقاتن ۽ دعا جي تقريبن کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي وفد سان گڏ دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو.











