اسلام آباد - 26 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومت سال 2030ع تائين وڪرو ٿيندڙ گاڏين ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري کي 30 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. توانائي ۽ ماليات جي مشهور تجزئي نگار محمد شهباز اقبال پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته گذريل مالي سال 26-2025ع دوران پيٽروليم مصنوعات جي روانگي واپار تي 16.9 ارب ڊالرز خرچ ڪيا ويا. آمدني واپار لاءِ پيٽروليم مصنوعات جو وڏو حصو …
حڪومت سال 2030ع تائين وڪرو ٿيندڙ گاڏين ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري کي 30 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي: رپورٽ

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومت سال 2030ع تائين وڪرو ٿيندڙ گاڏين ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري کي 30 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. توانائي ۽ ماليات جي مشهور تجزئي نگار محمد شهباز اقبال پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته گذريل مالي سال 26-2025ع دوران پيٽروليم مصنوعات جي روانگي واپار تي 16.9 ارب ڊالرز خرچ ڪيا ويا. آمدني واپار لاءِ پيٽروليم مصنوعات جو وڏو حصو ٽرانسپورٽ لاءِ استعمال ڪيو ويو. اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري ۾ اضافي جي نتيجي ۾ هڪ ارب ڊالرز جو مٽاسٽا جو ناڻو بچائي سگهجي ٿو، ٻئي پاسي ٻه ارب ليٽر تيل جي کپت ۾ به گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. جنهن سان ڪاربن جي نيڪال ۾ 4.5 ملين ٽن جي گهٽتائي ٿيندي. ڪاربن جي نيڪال ۾ گهٽتائي سبب ماحوليات جي شعبي تي هاڪاري اثر مرتب ٿيندا، اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال ۾ اضافي سان سموگ جي مسئلن کي به گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.











