ٿرڪول کي ريلوي نيٽ ورڪ ذريعي پورٽ قاسم سان ڳنڍڻ جي منصوبي تي عمل جاري

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي موجوده ريلوي نيٽ ورڪ ذريعي پورٽ قاسم سان ڳنڍڻ لاءِ ٿر ڪول ريل ڪنيڪٽوٽي منصوبي تي عمل جاري آهي، جنهن سان ڪوئلي جي چر پر لاءِ مربوط ۽ موثر نظام جي فراهمي ۾ مدد ملندي. پلاننگ ڪميشن مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي ڌيان تحت ريلوي وزارت جي نگراني ۾ پاڪستان ريلوي ان منصوبي تي ڪم …

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي موجوده ريلوي نيٽ ورڪ ذريعي پورٽ قاسم سان ڳنڍڻ لاءِ ٿر ڪول ريل ڪنيڪٽوٽي منصوبي تي عمل جاري آهي، جنهن سان ڪوئلي جي چر پر لاءِ مربوط ۽ موثر نظام جي فراهمي ۾ مدد ملندي. پلاننگ ڪميشن مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي ڌيان تحت ريلوي وزارت جي نگراني ۾ پاڪستان ريلوي ان منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جو مقصد ٿر جي مقامي وسيلن کي ريلوي ذريعي توانائي ۽ صنعتي ضرورتن سان ڳنڍڻ آهي. منصوبي جو مجموعي خرچ وفاقي حڪومت جي پبلڪ سيڪٽر ڊويلپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۽ سنڌ حڪومت جي سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) تحت 50- 50 سيڪڙو جي بنياد تي گڏيل طور برداشت ڪيو پيو وڃي. اهو وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جو گڏيل ترقياتي منصوبو آهي، جنهن سان مقامي ڪوئلي جي ذخيرن جي موثر استعمال، توانائي جي فراهمي ۽ صنعتي سرگرمين کي سهولت ملڻ جي توقع آهي. ٿر ڪول ريل ڪنيڪٽويٽي منصوبو ڪوئلي جي فراهمي لاءِ ريلوي جي بنيادي ڍانچي کي هٿي ڏيڻ ۽ مقامي وسيلن کي ملڪي توانائي جي ضرورتن سان مربوط ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي.

مزید خبریں