فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فوج پاران اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

راولپنڊي- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فوج جي سڀني رينڪس اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو سومر ڏينهن راولپنڊي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ پاڪ …

راولپنڊي- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فوج جي سڀني رينڪس اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو سومر ڏينهن راولپنڊي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ پاڪ فوج جي سڀني رينڪس مرحوم جنرل جي شاندار فوجي ڪيريئر، قيادت ۽ پاڪ فوج لاءِ قيمتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ انهن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿي. فوجي قيادت دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ پوئنرن کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ۽ صبر  ۽ جميل عطا ڪري.

مزید خبریں