صدر آصف علي زرداري پاران آسٽريا جي صدر ۽ عوام کي قومي ڏينهن تي مبارڪون

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمهوريه آسٽريا جي صدر ۽ عوام کي سندن قومي ڏينهن جي موقعي تي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي، ته ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفه ۽ گهڻ رخي سطح تي تعميري رابطا دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمهوريه آسٽريا جي صدر ۽ عوام کي سندن قومي ڏينهن جي موقعي تي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي، ته ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفه ۽ گهڻ رخي سطح تي تعميري رابطا دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق صدر آسٽريا جي صدر ڊاڪٽر اليگزينڊر وان ڊيربيلن جي نالي پنهنجي خط ۾ سندس صحت ۽ تندرسي ۽ آسٽريا جي عوام جي مسلسل ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر زرداري چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريا وچ ۾ گڏيل احترام، خير سگالي ۽ امن، استحڪام ۽ عالمي تعاون جي گڏيل عزم تي ٻڌل پراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ٻه طرفه ۽ گهڻ رخي سطح تي تعميري رابطا برقرار رکيا آهن جيڪي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل تعاون کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. صدر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ آسٽريا وچ ۾ دوستي وارو رشتو وڌيڪ مستحڪم ٿيندو، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ ٻنهي ملڪن جو عوام هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو ايندو.

مزید خبریں