نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سان عوامي جمهوريه چين جي سفير جي ملاقات، علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زائدونگ ملاقات ڪئي جنهن دوران علائقائي اڳڀرائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آچر تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ چين جي هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل شراڪتداري ۾ مسلسل اڳڀرائي کي ساراهيو جنهن …

اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زائدونگ ملاقات ڪئي جنهن دوران علائقائي اڳڀرائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آچر تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ چين جي هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل شراڪتداري ۾ مسلسل اڳڀرائي کي ساراهيو جنهن ۾ سي پيڪ تحت سهڪار، رابطي، واپار ۽ سيڙپڪاري، زرعي جديد ڪاري ۽ عوامي سطح تي اچ وڃ شامل آهي. هن مستقبل ۾ پاڪستان ۽ چين جي گڏيل مستقبل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اعليٰ سطح جي اچ وڃ جي سلسلي جي اهيمت تي زور ڀريو. ان ملاقات ۾ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڀريو ويو.

مزید خبریں