وچ اوڀر جي ملڪن کي ڪيل روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران 11 سيڪڙو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وچ اوڀر جي ملڪن کي ڪيل روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران سالياني بنياد تي 11 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. وفاقي شمارياتي اداري (پي بي ايس) مطابق هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر تائين وچ اوڀر جي ملڪن کي ڪيل روانگي واپار جي ماليت وڌي 864.878 ملين ڊالر رهي جڏهن ته گذريل مالي سال جي …

اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وچ اوڀر جي ملڪن کي ڪيل روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران سالياني بنياد تي 11 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. وفاقي شمارياتي اداري (پي بي ايس) مطابق هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر تائين وچ اوڀر جي ملڪن کي ڪيل روانگي واپار جي ماليت وڌي 864.878 ملين ڊالر رهي جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ خطي کي ڪيل روانگي واپار مان 779.425 ملين ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو ڪمايو ويو هو. اهڙي طرح گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي ٽن مهينن دوران وچ اوڀر جي ملڪن کي ڪيل روانگي واپار ۾ 85.453 ملين ڊالر يعني 10.96 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں